پاڪستان

پاڪستان کي خوراڪ جي کوٽ جو وڏو چئلينج، عالمي برادري ساٿ ڏئي:وزيراعظم

وزيراعظم عالمي ترقياتي ڀائيوارن ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ٻوڏ کان پوءِ نئين سر تعمير ۽ خوراڪ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏين، شهباز شريف زرعي شعبي جي بهتري لاءِ جلد آبادگار ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته زرعي شعبي جي بهتري لاءِ پئڪيج پڻ ڏنو ويندو. خوراڪ جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسين هڪ اهڙي نازڪ لمحي ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون جڏهن پاڪستان موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب بحالي جي راهه تي گامزن آهي. اڄوڪو ڏينهن عالمي سطح تي بک، غذائيت جي کوٽ ۽ سڀني لاءِ خوراڪ ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اجتماعي قدمن جي ضرورت بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ملهايو وڃي ٿو. هن سال جو موضوع “ڪنهن کي پوئتي نه ڇڏيو” آهي، جيڪو اسان کي غربت ۽ بک جي خاتمي لاءِ اجتماعي جدوجهد ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته پاڪستان زراعت لاءِ قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي، اسان پنهنجي قديم ماٿري سنڌ جي تهذيب تي فخر ڪيون ٿا جنهن جو بنياد زراعت تي هو، موسمياتي تبديلين ۽ ٻين سببن جي ڪري پاڪستان ۾ زرعي پيداوار جي شعبي کي ڪافي ڏکيايون اچي رهيون آهن، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ شديد موسمي حالتن سبب فصلن کي نقصان پهچڻ هڪ معمول بڻجندو پيو وڃي، انهي لاءِ موسمياتي تبديلين کي گهٽائڻ، فصلن جي نقصان کي گهٽائي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي ذريعن کي وڌائڻ اسان لا وڏا چئلينج آهن. سانوڻي جي برساتن دوران آيل ٻوڏ پاڪستان ۾ تباهي مچائي آهي، جنهن سان 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، چوپايو مال، بيٺل فصل ۽ ضروري بنيادي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي. سنڌ صوبو جيڪو ملڪ جي غذائي فراهمي جو ٽيون حصو پيدا ڪري ٿو، اهو برساتن سبب وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، صوبي جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهتو آهي، ٻوڏ جو پاڻي بيهڻ ڪري اتي ڪڻڪ جي پوکي واري سيزن ۾ دير جو پڻ خطرو آهي، جنهن سان ايندڙ سالن تائين خوراڪ جي کوٽ ۽ قيمتن ۾ واڌ جا امڪان وڌندا پيا وڃن، اهڙي صورتحال پاڪستان ۾ غذائي تحفظ جا چئلينج وڌائي ڇڏيا آهي، پاڪستان جي زرعي شعبي کي پهتل نقصان جا اثر سڄي دنيا ۾ محسوس ڪيا ويندا، آمريڪا کان وٺي چين تائين ٻيا ڪپهه پيدا ڪندڙ وڏا ملڪ پڻ شديد موسم جي اثرن جي وڪڙ ۾ آهن، هن ڏکئي وقت مان نڪرڻ لاءِ آبادگار برادري کي رليف ڏيڻ ۽ زرعي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حڪومت جلد آبادگار ڪانفرنس ڪرائڻ واري آهي، جتي زرعي شعبي جي بهتري لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ويندو. عالمي برادري ٻوڏ کان پوءِ نئين سر تعمير وارين ڪوششن ۽ خاص طور تي خوراڪ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button