پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ مليريا ۽ گئسٽرو سبب پيرسن ۽ نوجوان فوت

فريدآباد: فريدآباد ۾ گئسٽرو ۽ مليريا سبب پيرسن ۽ نوجوان فوت ٿي ويا. فريدآباد انتظاميا جي لاپرواھي ۽ نااھلي توڙي ٺيڪيدار جي سست رفتاري سبب روڊ جا ڪٽ بند نه ٿي سگھيا. ڳوٺ قائم جتوئٔي جو رھواسي ٻوڏ متاثر حاجي خيیر محمد بروھي جو 25 ورھين جو نوجوان پٽ حاجي ديدار علي بروھي گئسٽرو سبب فوت ٿي ويو. ٻئي پاسي ڳوٺ سيدپور جو رھواسي ٻوڏ متاثر 60 ورھين جو حاجي محمد علي چانڊيو ڳوٺ ۾ ٻوڏ جو پاڻي ھجڻ ٻاھر نڪرڻ جو رستو نه ھجڻ جي ڪري گئسٽر ۽ مليريا جي تيز بخار سبب فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتين انگ وڌي 74 ٿي ويو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button