خانپورمهر: خانپورمهر ۾ ڳوٺ ٻانهو گڏاڻي ۾ 4 سال اڳ قتل ٿيل جمعدار گڏاڻي ۽ ڏيڍ مهينو اڳ قتل ٿيل سندس پي محمد گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن اشفاق گڏاڻي، مولوي محمد امين گڏاڻي، شاهجهان گڏاڻي، ابرار گڏاڻي، خادم حسين، علي حسن ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعلقه پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته 4 سال اڳ اسان جي نوجوان جمعدار گڏاڻي کي قتل ڪيو ويو ۽ ڏيڍ مهينو اڳ مقتول جمعدار جي پي محمد خان گڏاڻي کي پڻ قتل ڪيو ويو آهي، پر هن وقت تائين خانپورمهر پوليس قاتل گرفتار نه ڪيا آهن، جوابدار ڪيس تان هٿ کڻائڻ لا گهرن تي فائرنگ ڪن ٿا. هنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي سکر ۽ ٻين کان تحفظ جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close