پاڪستانسنڌ

شاهپورجهانيان ۾ ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي، ڀيٽا پيش

شاهپورجهانيان: شاهپورجهانيان ۾ جسقم پاران ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جي ورسي ملهائي وئي. پروگرام ۾ جسقم، ايس يو پي، سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. نوابشاهه جي آرگنائزر سيد مسعود شاهه صدارتي خطاب ڪندي ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد قومي شهيد آهن، جن ڌرتي جي دنگن تان سر ڏنو، شهادتون قومن ۾ آزاديءَ لاءِ اتساهه پيدا ڪنديون آهن. سنڌي ادبي سنگت جي اڳواڻ عبدالفتاح ٻگهيو، مولوي امام الدين لانگاهه چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن شهيد مالڪ خشڪ، شهيد انور عباسي، شهيد مٺو بليدي، شهيد ذڪريا ميمڻ ۽ شهيد امان الله وسطرو پنهنجن جانين جا نذرانا ڏئي اهو ثابت ڪيو ته وقت جا جابر حڪمران ڪيڏو به ظلم ڪن پر جيسيتائين هڪ به سنڌي زنده آهي، اهو پنهنجي ڌرتي جي حقن جي ڳالهه ڪندو رهندو. جسقم جي مورڙو ميربحر، فقير لاکو، ظفر ٻگهيو، سيف سنڌي چيو ته ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد امر آهن، ڇاڪاڻ ته انهن سنڌ جي سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏني. فنڪار رسول بخش عمراڻي، عرفان ٻگهيو قومي گيت ڳائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button