سنڌ

ڪراچي ۾ ماستري جي اميدوارن تي پوليس تشدد،30 گرفتار

ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي پاس اميدوارن تي ڪالهه ٻئي ڏينهن به پوليس ڪڙڪي پئي، جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اين ٽي ايس پاس اميدوران سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون شروع ٿيون، پوليس مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي مٿن لٺبازي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن تي به ڪڙڪي پئي، اهلڪار لٺبازي ڪندي اميدوارن کي گهلي گهلي گرفتار ڪندا رهيا. اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن. آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2021 ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي، هاڻي هارڊ ايريا جي نالي تي من پسند ماڻهن کي آرڊر ڏنا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button