سنڌ

وڌيڪ 76567 خاندانن کي راشن بيگس ڏنا ويا آهن:شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 76567 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. هن پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته بدين ۾ 5750 خاندانن ۾ راشن بيگس تقسيم ڪيا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 17114، حيدرآباد 3000، ميرپورخاص 3500، جيڪب آباد 1774، لاڙڪاڻو 2438، قمبر شهدادڪوٽ 3968، خيرپور ميرس 999، ٺٽو 10000، سجاول 13000، شهيد بينظير آباد 6263، نوشهروفيروز 1500، سانگهڙ 6261 ۽ ٿرپارڪر ۾ 1000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1839845 خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. متاثرن ۾ وڌيڪ 35000 جيري ڪينس ۽ 9000 مال جون مڇر دانيون پڻ ورهايون ويون آهن. صوبائي وزير چيو ته امدادي سرگرمين جي شروعات کان هاڻي تائين متاثرن کي 626514 خيما، 541542 پلاسٽڪ ترپال، 3282337 مڇردانيون، 803811 ليٽر منرل واٽر، 107975 ڪيريڪينس، 173623 پڪل کاڌي جو ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 195252 متاثر موجود آهن، جن ۾ 41218 ٻار ۽ 38556 عورتون شامل آهن. رليف ڪيمپس ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جي واقعن ۾ 786 ماڻهو فوت ۽ 8422 زخمي ٿيا. هن چيو ته دريا سنڌ ۾ پاڻي جي سطح هيٺين درجي تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button