سنڌ

دفاعي نمائش عالمي امن ۾ مددگار ثابت ٿيندي: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 15 کان 18 نومبر 2022 تي ٿيندڙ بين الاقوامي دفاعي نمائش ۽ سيمينار جو يارهون ايڊيشن آئيڊياز 2022 عالمي برادري سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بنائڻ سان گڏ عالمي امن استحڪام ۽ توازن جي گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اها ڳالهه هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آئيڊياز 2022 دفاعي هٿيارن جي نمائش ۽ ڪانفرنس جي اهتمام لاءِ اسٽيرنگ ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. هن چيو ته دفاعي هٿيارن جي نمائش ۽ ڪانفرنس آئيڊياز جي ميزباني خطي ۾ ٽيڪنيڪي ترقي ۽ تعاون جي اسان جي عهد جي ترجماني ڪري ٿي. سيشن جي پڄاڻي تي وڏي وزير آئيڊياز 2022 جي ڀرپور ۽ ڪامياب اهتمام لاءِ سنڌ حڪومت جي مڪمل سپورٽ ۽ پنهنجي سرپرستي جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ وفاقي وزارتن جا سينيئر نمائندا،سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن، هٿياربنند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ايونٽ جي آرگنائيزر بدر ايڪسپو سلوشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ڊفينس ايڪسپورٽ پرموشن آرگنائيزيشن جي ڊي جي ميجر جنرل محمد عارف ملڪ، اسٽيرنگ ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي ٻئي سيشن جي صدارت ڪئي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ هن ايونٽ جي قومي سطح تي جاري تيارين جو جائزو ورتو. کيس سرڪاري کاتن هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ايونٽ جي انتظامي، سيڪيورٽِ ۽ سپورٽ لاءِ ڪيل رٿابندي کان آگاهه ڪيو ويو. ٻئي سيشن جي پڄاڻي تي ڊي جي ڊفينس ايڪسپورٽ پروموشن آرگنائيزيشن ايونٽ جي مختلف روايتي سرگرمين تي روشني وڌي. جيڪا دنيا جي جديد دفاعي ٽيڪنالوجيز جو مظاهرو، پرڏيهي سيمينار، ڪلچرل شو ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ لاءِ بزنس ٽو بزنس بزنس ٽو گورنمينٽ ملاقاتن جو اهتمام شامل آهي. اجلاس جي پڄاڻي تي آئيڊياز 2022 جي ايونٽ آرگنائيزر بدر ايڪسپو سليوشن جي سي اي او زوهير نصير چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سپورٽ سان آئيڊياز 2022 ڀرپور طريقي سان منعقد ٿيندي. هن چيو ته ايونٽ آرگنائيزر جي حيثيت سان بدر ايڪسپو سلوشن ايونٽ جي ڪامياب اهتمام ۾ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني سان ادا ڪندي ته جيئن هن نمائش جي قومي مقصد حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button