سنڌ

عمران خان جهڙن سياستدانن جي رٽائرمنٽ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعطم عمران خان تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته سليڪٽيڊ هڪ دفعو ٻيهر سليڪٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر هاڻي عمران خان ۽ ان جهڙن ٻين سياستدانن جي رٽائرمينٽ جو وقت اچي ويو آهي. هاڻي ملڪ جي قيادت نوجوانن جي هٿ ۾ هوندي، اهي هاڻي کان تياري ڪن. چيئرمين پيپلزپارٽي اين اي 237 ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ملير ۾ ٿيندڙ جشن فتح جي موقعي تي حڪيم بلوچ جي رهائشگاهه تي جيالن کي خطاب ڪري رهيو هو. بلاول ڀٽو زرداري جيالن جو شڪريو ادا ڪرڻ ملير پهتو هو، ساڻس گڏ سندس ننڍي ڀيڻ آصفه ڀٽو زرداري، مرادعلي شاهه سميت پ پ جا ٻيا اڳواڻ به هئا. بلاول ڀٽو هڪ وڏي ريلي جي شڪل ۾ ملير پهتو، رستي ۾ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. بلاول ڀٽو پنهنجي تقرير ماروي ملير جي بينظِير بينظير سان شروع ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير کي 90 ڏينهن جي مهلت ڏيندي هدايت ڪئي ته ملير ۾ ميڊيڪل انجنيئرنگ ۽ زرعي ڪاليج جي قيام جي اسڪيم شروع ڪئي وڃي ۽ التوا هيٺ اسپتال جي ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملير جي غيرتمند عوام نااهل سليڪٽڊ کي هارائي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي آهي. هن چيو ته ملير جي بهادر عوام هميشه پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ هر دور ۾ وڏي جرئت سان آمريت جو مقابلو ڪيو، اڄ به هن علائقي جا نوجوان حقيقي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهن بلاول ڀٽو چيو ته 2018 جي عام چونڊن ۾ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو ۽ ان ڌاڙي جي نتيجي ۾ هڪ ناجائز، نالائق وزيراعظم کي سليڪٽ ڪيو ويو، جنهن جي نااهلي جي سزا سڄي پاڪستان کي چئن سالن تائين ڀوڳڻي پئي ۽ قوم کي چئن سالن تائين وڏو نقصان ٿيو. هن چيو ته هن وقت موجوده اتحادي حڪومت عمران خان جي ناڪامي جو بار کڻي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان عوامي سياست ڪريون ٿا ۽ هميشه عوام جي خوشي هجي يا ڏک سور ان ۾ شريڪ ٿينداسين، ملير جي عوام جنهن نموني پيپلزپارٽي جو ڪنڌ فخر وچان مٿي ڪيو آهي، اسان ان جو هي احسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين. پيپلزپارٽي ملير ۽ ڪراچي جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو عزم ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هو ملير جي عوام آڏو اهو واعدو ڪري ٿو ته پوري پاڪستان جي عوام جو آواز بڻجي خدمت ڪنداسين. هن چيو ته مان پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو. هن ملير ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سهڪار ڪرڻ تي پي ڊي ايم ۽ اتحادين جو به شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان گڏجي سليڪٽڊ کي هارايو آهي. هن عمران خان جو نالو وٺڻ بنا چيو ته هي ڪوڙو منافق ماڻهو آهي، جيڪو هي سمجهي ٿو ته عوام وساري چڪو ته چئن سالن ۾ هن ملڪ جو ڇا حشر ڪيو. هن چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جوواعدو ڪري ماڻهن کان روزگار کسيو ويو. هن چيو ته ملير جو گرين بيلٽ تباهه ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي هارين کي خصوصي پئڪيج ڏئي ملير جي گرين بيلٽ کي بچايو وڃي، حڪيم بلوچ نشاندهي ڪئي ته بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪمپليڪس جو ڪم ڪيترن ئي سالن کان بند آهي. ملير ۾ اسپتال ناهي، ماڻهو مجبور جناح اسپتال وڃن ٿا، ملير ۾ انجيئرنگ ڪاليج جو ڪم به سستي سان ٿي رهيو آهي، جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن ملير ۾ لياري يونيورسٽي ڪئمپس قائم ڪرڻ جي به گهر ڪئي. هن پارٽي قيادت کي چيو ته ملير جي ڳوٺن جي رهواسين کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن، حڪيم بلوچ چيو ته اربن وليج کي پڪو ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن کي مالڪاڻا حق ملي سگهن. ملير ۾ قبرستان جو مسئلو به حڪيم بلوچ اٿاريو ۽ چيو ته ماڻهو قبر خريد ڪرڻ لاءِ هڪ لک رپين تائين ڏين ٿا، سندس چوڻ هو ته ڪيڊٽ ڪاليج گڏاپ جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي، ان ۾ اسان جي ٻارڙن جي داخلا بند ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button