سنڌغير درجه بندي

ڪراچي ۾ ڦر مزاحمت تي 2 ڄڻا قتل،پوليس اهلڪار شهيد

ڪراچي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلي دوران فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ هڪ واٽهڙو مارجي ويا. خبر موجب پاڪ ڪالوني ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هڪ شهري کي قتل ڪيو ويو، مقتول بينڪ مان پئسا کڻي وڃي رهيو هو ته چورن فائرنگ ڪري ڏني، هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پاڪ ڪالوني جي علائقي بڙا بورڊ ۾ چور خانگي بئنڪ مان رقم کڻي نڪرندڙ ٺيڪيدار کان 4 لک رپيا ڦر ڪري ويا، مزاحمت ڪرڻ تي بي رحم ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ٺيڪيدار کي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جي سڃاڻپ شڪيل طور ٿي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي موٽرسائيڪل تي سوار شاهين پوليس جا 2 اهلڪار تيز رفتاري سان واقعي واري هنڌ پهتا، ٻنهي اهلڪارن موٽرسائيڪل تي سوار جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنهن تي جوابدارن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شاهين پوليس جو اهلڪار زخمي ٿي پيو، جنهن جي حالت نازڪ هئڻ سبب نهال کي طبي امداد لاءِ موٽرسائيڪل تي ويهاري اسپتال پهچايو ويو، پر نهال زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ 45 ورهين جي نهال پٽ جي نالي سان ٿي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جوابدارن سان مقابلي دوران شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو.شهيد ٿيل پوليس اهلڪار شاهين فورس ۾ مقرر هو ۽ علائقي ۾ ڏوهن جي خلاف گشت تي هو. ٻئي طرف شاهه لطيف ٽائون سيڪٽر بي ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو. مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 25 ورهين جي عبدالله ولد اوليا جان جي نالي سان ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button