پاڪستان

مهانگائي گهٽجڻ ۾ وقت لڳندو، معيشت ٺيڪ ڪري ڏيکارينداسين: اسحاق ڊار

ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته مهانگائي ڪا 6 مهينن ۾ اچڻ واري شي ناهي ۽ نه ئي ڇهن مهينن ۾ ختم ٿيڻي آهي، ملڪ جي ترقي لا اسان کي ميثاق معيشت تي اتفاق ڪرڻو پوندو. اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته اتحادي حڪومت مهانگائي سميت ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي، مهانگائي ٽرڻ ۾ وقت لڳندو، هتي روز روز ڊراما ٿين ٿا ته هي ٿي ويندو، هو ٿي ويندو پر حقيقت ۾ ڪجهه به نه ٿيندو، تنهن ڪري افراتفري ڦهلائڻ جي ضرورت ناهي، اسان جي معيشت صحيح دڳ تي هلي رهي آهي، پاڪستان جو ڪنهن به صورت ۾ ڏيوالو نه نڪرندو، مون کي تڏهن ئي گهرايو ويندو آهي جڏهن معيشت جا ترا نڪري چڪا هوندا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي ايندي، ماضي ۾ به معيشت ٺيڪ ڪري ڏيکاري هئي ۽ هاڻي به ڪري ڏيکارينداسين. هن چيو ته مٽاسٽا واري ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻي آهي، هن سال پاڪستان جون 32 کان 34 ارب ڊالرن تائين پرڏيهي ضرورتون آهن، گذريل حڪومتي دورن ۾ پاناما جي ڊرامي پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪيو، هاڻي ملڪ کي مختلف چئلينجن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، پاڪستان جي بهتري لا سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، رياست هوندي ته سياست به هوندي، اڃا اسان کي تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان پيرس ڪلب نه ويندو، هاڻوڪي مهانگائي گذريل حڪومت جي نااهلي ۽ خراب حڪمراني جو نتيجو آهي، منهنجي ڪوشش هوندي ته ملڪ کي وياج واري نظام مان ڪڍي اسلامي نظام آڻيان، معيشت جي حوالي سان فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد آهيان ۽ آ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو ان تي عمل ڪنداسين، پاڪستان فيٽف جي حوالي سان پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناڻي وزير چيو ته حڪومت روس کان تيل حاصل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي، جيڪڏهن ڀارت روس کان تيل خريد ڪري سگهي ٿو ته اسان به وٺي سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button