پاڪستان

آصف زرداري جي 25 سال پراڻن نيب ڪيسن ۾ اهم اڳڀرائي، بريت خلاف درخواستون واپس

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف 25 سال پراڻن ڪيسن ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي. نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پنجويهه سال پراڻن ڪيسن ۾ بريت خلاف درخواستون واپس وٺي ڇڏيون آهن. نيب آصف زرداري جي ڪيسن مان بريت خلاف داخل ڪرايل 4 اپيلون واپس وٺڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نيب درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اپيلن جي وڌيڪ پيروي هڪ بي لاڀ عمل هوندو، آصف زرداري خلاف دستاويزن جون فوٽو ڪاپيون به رڪارڊ تي مشڪل سان هونديون، موجود دستاويزي ثبوت به شهادت واري قانون موجب نه آهن. ياد رهي ته آصف زرداري اُرسس ٽريڪٽر، ايس ايس جي ڪوٽيڪنا ڪيس مان بري ٿيو هو ۽ نيب آصف زرداري جي 25 سال پراڻن ڪيسن مان بريت کي 2015ع کان چئلينج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button