سنڌ

وزيراعظم سنڌ جي ڊيلٽا کي سوڪهڙي کان بچائڻ لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ جي ڊيلٽا جي علائقي کي سوڪهڙي کان بچائڻ لاءِ ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ قدم تجويز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي سوڪهڙي جي خطري کان بچائڻو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي طرز تي ٺاهيل موسمياتي تبديلي ڪائونسل کي مڪمل فعال ادارو بڻايو وڃي، جامع منصوبي جي تياري لاءِ بهترين ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اها هدايت ماحولياتي تبديلي ڪائونسل جي پهرين پنهنجي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڏني. 2017ع کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي تبديلي ڪائونسل جي پهرين اجلاس جي صدارت سان تاريخ رقم ڪري ڇڏي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ مستقبل ۾ موسمياتي خطرن کان بچڻ جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪندي ماحولياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ نيشنل پلان جي هدايت ڪئي. هن هدايت ڪئي ته ماحولياتي تبديلين موجب رهڻ سهڻ ۽ تعميرات اختيار ڪرڻ جي لاءِ قدم تجويز ڪيا وڃن. ماحولياتي مسئلن کي منهن ڏيڻ ۽ وقت سر تياري جي لاءِ مستقل بنيادن تي وفاقي ۽ سڀني صوبائي حڪومتن جو حصيداري عمل تيار ڪيو وڃي. ماحولياتي تبديلي ڪائونسل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي طرز تي ٺاهي وئي هئي، جنهن ۾ وفاقي ۽ سڀني لاڳاپيل صوبائي ڌريون شامل آهن. وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي تبديلي ڪائونسل کي مڪمل فعال ادارو بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي نشاندهي ۽ قومي سطح تي جامع پلان تيار ڪيو وڃي. وزيراعظم جامع پلان جي تياري لاءِ بهترين ماهرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي تبديليون تباهي آڻيندڙ ٻوڏون ئي آهن، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تباهي تازو مثال آهي، ڪاربن خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ باوجود پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ پهرين 10 ملڪن ۾ شامل آهي، ان تباهي کي اسان کي وسارڻو نه آهي، متاثرن جي بحالي سان گڏ مستقبل جي تياري ڪرڻي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ماحولياتي تبديلين بابت ڪائونسل مرڪزي ڪردار ادا ڪري، خطرن جي نشاندهي وسيلن جي فراهمي، نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي صلاحيت بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏيو، خطرن کان ڪيئن بچيو وڃي، عوام کي ڪيئن تيار ڪيو وڃي، انتظاميا جي ڪهڙي تربيت ٿيڻ گهرجي، ان تي ٺوس ڪم ڪيو. پاڪستان کي شديد سوڪهڙي کان بچائڻو آهي، ماحولياتي تبديلين سان سنڌ صوبي جو ڊيلٽا جو علائقو خشڪ ٿي ويو. ماهرن جي راءِ جي روشني ۾ قدم تجويز ڪريو. ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن کان بچاءُ جون تدبيرون تجويز ڪريو. ٽيڻ کان وڌيڪ گليشيئرز پگهرجڻ ۽ چوماسي جي برساتن کان بچڻ لاءِ تجويزون تيار ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button