پاڪستان

قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر جي گرفتاري بابت رولز ۾ ترميم جو فيصلو

تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽ تان گرفتاري واري معاملي تي حڪومت قومي اسيمبلي جي ڪنهن به ميمبر جي گرفتاري بابت رولز ۾ ترميم جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۾ نواز ليگ جي ايم اين اي محمد سجاد ترميم پيش ڪئي، جنهن ۾ حڪومت طرفان لکيو ويو آهي ته جڏهن ڪنهن ميمبر کي فوجداري الزام يا ڏوهه تي گرفتار ڪرڻو پوي يا ڪنهن انتظامي حڪم تحت حراست ۾ وٺڻو هجي ته لاڳاپيل جج، مئجسٽريٽ يا انتظامي مجاز حاڪم گرفتاري جي سببن جي نشاندهي ڪندي فوري طور تي اسپيڪر قومي اسيمبلي کان منظوري وٺندو. ترميم ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته اهڙي گرفتاري يا حراست بعد يا ڪنهن ميمبر کي قانون جي عدالت طرفان قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ته ان صورت ۾ لاڳاپيل جج يا مئجسٽريٽ ميمبر جي حراست ۾ هجڻ واري هنڌ بابت آگاهه ڪندو. ترميم ۾ لکيو ويو ته ڪنهن به ميمبر کي اسيمبلي جي احاطي مان گرفتار نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button