پاڪستان

سوات ۾ لڳل باهه سڀني تائين پهچي سگهي ٿي، ٽروٿ ڪميشن جوڙيو وڃي:خواجا آصف

بچا واري وزير خواجا آصف مطالبو ڪيو آهي ته بلوچستان جي مسئلن جي حل لا سپريم ڪورٽ جي جج يا بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪنهن حاضر سروس يا اڳوڻي جج جي سربراهي ۾ ٽروٿ ڪميشن جوڙيو وڃي، ڪجهه معاملا اهڙا آهن، جن جو حل ٿيڻ تمام ضروري آهي، سوات ۾ لڳل باهه مون سميت سڀني تائين پهچي سگهي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته معاملن کي سياسي طريقي سان حل نه ڪجي ته پو مشڪلاتون پيدا ٿي پونديون آهن، تازن ڦٽن کي نظرانداز ڪرڻ نقصانڪار آهي، سوات ۾ 13 سالن بعد وري ساڳيو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، اتي لڳل باهه مون سميت سڀني جي ويجهو پهچي سگهي ٿي، خوشي جي ڳالهه آهي ته سوات جا ماڻهو متحد ٿيا آهن، ان معاملي جي حل لا اسان کي گڏجي ويهي مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي. خواجا آصف ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ۽ خدشو ظاهر ڪندي چيو ته سوات ۾ هن وقت جيڪو ٿي رهيو آهي اسان انهن معاملن کان لاتعلق نٿا رهي سگهون ۽ اسان جي دير يا گهٽ ڌيان سبب ڪٿي اهڙيون حالتون آڏو نه اچن جو ملڪ جي وحدانيت کي خطرو ٿي پوي، ايوان هڪ شخص کي قانوني ۽ آئيني طريقي سان اقتدار تان هٽايو، هاڻي اهو شخص رياست کي بليڪ ميل ۽ يرغمال بڻائي رهيو آهي، ملڪ جي ڪجهه معاملن تي سمورين پارٽين کي گڏجي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي، بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ سپريم ڪورٽ جي جج يا بلوچستان سان تعلق رکندڙ ڪنهن حاضر يا اڳوڻي جج جي سربراهي ۾ ڪميشن ٺاهيو وڃي، ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ بلوچستان تي ٽروٿ ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو ڪندس، سوات جا ماڻهو بنا ڪنهن فرق ۽ سياسي اختلاف جي هن معاملي تي گڏ ٿيا ۽ رستن تي احتجاج ڪيو آهي، جمهوري معاشري ۾ ايئن ئي ٿيڻ گهرجي پر مون کي ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ٿيندي ته اسان جو معاشرو جمهوري نه آهي. وزير دفاع چيو ته ملڪ جون سموريون صوبائي حڪومتون جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي عوام جون خواهشون، جذبا ۽ ڏک ورهائي نٿيون سگهن ته مان سمجهان ٿو ته هن صوبي جي حڪومت کي حاڪميت جو حق ناهي، بلوچستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بغاوت جاري آهي ان جو حل اختر مينگل ۽ شاهزين بگٽي وٽ آهي انهن سان گڏ ويهي مسئلي جو حل ڳولڻ گهرجي، هي اڄ نه پر پوين ٽن پيڙهين کان پنهنجي صوبي جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته فوج ملڪ ۾ 4 ڀيرا مداخلت ڪئي، سياستدانن 50 جي ڏهاڪي کان وٺي هيل تائين ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون جيڪي سولائي سان حل ٿي پئي سگهيون، مان سمجهان ٿو ته وقت تيزي سان گذري رهيو آهي. اختر مينگل جي انداز بيان سان اختلاف ٿي سگهي ٿو پر ان جي موقف سان اختلاف نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ اهڙو زخم آهي جنهن تي مرهم رکڻ ۽ علاج جي ضرورت آهي، سياستدان برادري کي ان جو حل ڳولڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ننڍن صوبن جا ماڻهو لياقت باغ راولپنڊي مان لاش کڻي هليا ويا پر انهن پاڪستان کي نقصان نه پهچايو، جڏهن ته عمران خان پاڪستان کي نقصان پهچائي رهيو آهي. هن پنهنجي اقتدارکي پاڪستان جي رياست جي وجود سان ضم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس خواهش آهي ته جيڪڏهن فوج مداخلت نه ڪري ته هر شئي ان جي معرفت ٿئي. اختر مينگل چيو ته بلوچستان ۾ ڪيترن ئي واقعن ۾ شهرين کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو ۽ کين دهشتگرد قرار ڏنو ويو، جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومتون اينديون رهيون پر بلوچستان جون حالتون تبديل نه پيون ٿين ان سان اسان جي ان دعويٰ جي تصديق ٿئي ٿي ته بلوچستان ۾ انهن ماڻهن جي حڪومت آهي جيڪي ان کي پاڪستان جي ڪالوني سمجهن ٿا. هن چيو ته خاران ۾ دهشتگردي روڪٿام کاتي هٿان ماريل ٽن ماڻهن ۾ هڪ شاگرد وسيم تابش شامل هو جنهن جو ڏوهه صرف اهو هو ته هن گم ٿيل ماڻهن لاءِ شاعري لکي هئي، هتي لکڻ ۽ ڳالهائڻ به گناهه بڻجي ويو آهي، اوهان احتجاج ڪريو ته کنڀجي ويندا ۽ گم ڪيا وڃو ٿا، خدا ڄاڻي هي طاقتون ڇا ٿيون چاهين، خدا جي واسطي اسان کي ان مقام تائين نه ڌڪيو وڃي جتان واپسي جو رستو ممڪن نه هجي، اهڙن هٿڪنڊن سان اوهان دهشتگردي ته ختم ڪري سگهو ٿا پر نفرت جو جيڪو ٻج ڇٽي رهيا آهيو ان کي دنيا جي ڪابه ايٽمي طاقت ختم نه ڪري سگهندي. اختر مينگل وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ اسان جي باقاعدي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ساڳي نسل ڪشي جيڪا 1970ع ۾ بنگلاديش ۾ ڪئي وئي، هي مان نه پيوچوان هر اهو سڀ اوهان جي حمودالرحمان ڪميشن رپورٽ ۾ لکيل آهي، اوهان جا هٿ بيگناهن جي رت سان رڱيل آهن. جعلي مقابلن جي جاچ لا سپريم ڪورٽ جي حاضر جج جي سربراهي ۾ اعليٰ سطح جو انڪوائري ڪميشن ٺاهيو وڃي. وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته جن مسئلن تي هتي ڳالهه ٿي آهي انهن جو حل گهڻو مشڪل ڪونهي، آئين تي عمل ڪريو ته 90 سيڪڙو مسئلا حل ٿي ويندا. جنهن بعد قومي اسيمبلي جو جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button