تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ ۽ وڌيڪ آڊيو ٽيپ روڪرائڻ لا سپريم ڪورٽ پهچي ويو، جتي هن اعليٰ عدليا کان جي آ ٽي جوڙڻ جي استدعا ڪري ڇڏي آهي. مليل ڄاڻ موجب عمران خان آڊيو ليڪس جي جاچ لا جڊيشل ڪميشن کي گڏيل تحقيقاتي ٽيم جوڙڻ جي درخواست ڪندي ان ۾ گهرو وزارت، بچا واري وزارت، آ ٽي سڌ سما وارين وزارتن، آ بي، ايف آ اي ۽ پيمرا کي ڌر ڄاڻايو آهي. درخواست ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين موقف اختيار ڪيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۽ پي ايم آفيس جي نگراني، ڊيٽا جي رڪارڊنگ ۽ آڊيو ليڪس کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي، عمران خان وڌيڪ آڊيوز کي ليڪ ٿيڻ کان روڪڻ جي پڻ استدعا ڪئي ۽ چيو ته آڊيو ليڪس جي جاچ ذريعي جيڪي به ذميوار هجن، انهن کي سزا ڏني وڃي، جڏهن ته حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين کي وڌيڪ آڊيوز کي روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close