پاڪستان

رياستي ادارن کي سائبر خطرا، صدر جي خط تي جاچ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو

صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وزيراعظم کي لکيل خط جي جواب ۾ وزيراعظم آفيس پاران انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت کي ماهرن جي هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جنهن جي سربراهي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارو وفاقي وزير ڪندو ۽ جيڪا رياستي ادارن کي “سائبر خطرن ۽ چئلينجز” جو تجزيو ڪرڻ ۽ ان معاملي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون وزيراعظم کي پيش ڪندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب صدر اهو خط پاڪستان ۾ راءِ سازن، فيصلا سازن، سياستدانن ۽ حڪمت عملي سازن سان معاملي تي درخواستن جي تسلسل ۾ وزيراعظم کي لکيو. صدر جي خط موجب سائبر پاور مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر ذريعو آهي، پاڪستان کي سائبر صلاحيتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان کي سائبر پاور جي استعمال جي لاءِ گهڻ رخي ۽ ٺوس قومي موقف اختيار ڪرڻ ۽ پاليسي تيار ڪرڻ جي لاءِ غور فڪر ڪرڻو پوندو. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سائبر حملا گهٽ ڪرڻ، ڪنهن به امڪاني صورتحال جي خلاف موثر ردعمل ۽ دفاعي صلاحيت حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر خط ۾ وڌيڪ چيو ته سائبر حملا ادارن، زندگي جي ضرورتن، دفاع، ڪاروبار، ڊيجيٽل سپلائي چين، فنانس، پبلڪ سروسز ۽ انفارميشن ڪنٽرول ۽ مواصلات کي مفلوج ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي خط ۾ سائبر سيڪيورٽي جي حوالي سان 8 اسٽريٽجڪ شعبن جي پڻ نشاندهي ڪئي آهي. ڪميٽي جلد کان جلد ان معاملي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم لکي لکيل خط کانسواءِ صدر هڪ رپورٽ پڻ لاڳاپيل ادارن کي موڪلي آهي ته جيئن هڪ ٺوس سائبر پاور حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۽ ملڪ جي روشن مستقبل کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ ضروري انساني وسيلا تيار ڪرڻ جي لاءِ بنياد فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button