پاڪستان

ڪاٺ اسمگل ڪرڻ تي گڏهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم

چترال ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪاٺ اسمگل ڪرڻ ۾ سهولتڪاري تي گڏهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. مليل ڄاڻ موجب چترال جي علائقي دروش ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمارتن جي اڏاوت ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاٺ اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ ڇهن گڏهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن دروش گول واري علائقي ۾ ڪيل ڪارروائي دوران 3 گڏهه حراست ۾ ورتا ويا، جيڪي مقامي آرا مشين مالڪ محمود الحسن حوالي ڪيا ويا هئا پر ٻئي ڏينهن تي جڏهن ٻيهر ڪارروائي ڪئي وئي ته وري ساڳيا گڏهه ڪاٺ اسمگل ڪندي ڏٺا ويا، جنهن تي ٻيلي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر مئجسٽريٽ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي حڪم ڏنو آهي ته ڪاٺ اسمگل ڪرڻ ۾ ملوث 6 گڏهه عدالت ۾ پيش ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ ته اهي غيرقانوني ڪم ۾ استعمال ٿي رهيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button