عالمي

صحت جي عالمي اداري دنيا مان ڪرونا ختم ٿيڻ جو تاثر رد ڪري ڇڏيو

صحت واري عالمي (ڊبليو ايڇ او) چيو آهي ته ڪرونا وائرس اڃا به عالمي ڳڻتي جي پبلڪ هيلٿ ايمرجنسي (پي ايڇ اي آءِ سي) آهي، جيڪو صحت جي عالمي اداري جو سڀ کان وڌيڪ الرٽ جو درجو رکي ٿو. چيني خابرو اداري موجب ڊبليو ايڇ او جي انٽرنيشنل هيلٿ ريگوليشنز ايمرجنسي ڪميٽي پنهنجي ٽه ماهي جائزي اجلاس بعد چيو ته ڪرونا وائرس جي شدت ۽ هفتيوار جاني نقصان ۾ گهٽتائي باوجود ڪرونا وائرس سبب فوتگيون وڌيڪ ٿيون آهن. هن ڪورونا وائرس بابت پيچيدگين ۽ ان کانپوءِ حالتن بابت تنبيهه ڪندي ٻڌايو ته وائرس جي مستقبل جي مختلف حالتن جي جينياتي ۽ اينٽي جينڪ خصوصيتون اڃا تائين ڀروسي جوڳي انداز ۾ اڳواٽ نٿيون ڪري سگهجن. ڪميٽي ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ته عالمي رد عمل جي مسلسل هم آهنگي ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button