پاڪستانسنڌ

ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم شروع ٿي ويو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريهيبليٽيشن جي ڪم جي شروعات ٿي وئي آهي هن وقت 2 لک 50 هزار متاثر گهرن جو ڊيٽا اچي چڪو آهي، جنهن ۾ تصويرون ۽ ويڊيوز شامل آهن. هن چيو ته ريهيبليٽيشن جي عمل کي شفاف بنائڻ لاءِ تعلقي سطح تي ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جنهن ۾ پاڪستان آرمي ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو آهي، ته جيئن ڪو حقدار جنهن جو گهر ڊهي پيو آهي اهو رهجي نه وڃي ۽ جيڪو حقدار نه آهي، ان ۾ شامل نه ٿي وڃي. هن چيو ته گهرن جي تعمير لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ڪمپني قائم ڪري ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ۾ جمعرات تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته متاثرن کي گهرن جي تعمير لاءِ رقم ڏني وڃي. ان سلسلي ۾ گهرن جي تعمير لاءِ متاثرن کي مرحلن ۾ پيسا جاري ڪيا ويندا ۽ تعلقي سطح تي ڪميٽيون ان جي مانيٽرنگ ڪنديون. هن چيو ته گهرن جي تعمير ۾ اين جي اوز کي پڻ شامل ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته جيتري وڏي قدرتي آفت هئي، سنڌ حڪومت ان کان وڌيڪ اسپيڊ سان امدادي سرگرميون ڪيون آهن. وزيراعليٰ سنڌ ۽ ان جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي. آبپاشي کاتو، مڪاني، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا ڊيواٽرنگ ۽ امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاءِ 30 آڪٽوبر جو ٽارگيٽ ڏنو آهي، پر ان ۾ وڌيڪ وقت بہ لڳي سگهي ٿو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت هارين کي ٻج جي فراهمي لاءِ 7 ارب روپيا مختص ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 785 ماڻهو فوت ٿيا آهن، جن جي وارثن کي في ماڻهو 10، 10 لک روپيا امداد ڏني پئي وڃي. جڏهن ته 18 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ راشن بيگس ورهايا ويا آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت پوري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن کي اربين روپيا امدادي رقمون ڏئي رهي آهي. هن وقت تائين متاثرن ۾ 70 ارب روپيا ورهايا ويا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام صدر آصف علي زرداري پنهنجي دور حڪومت ۾ شروع ڪيو هو، جنهن جو مقصد ئي هو ته روٽين جي امداد جي علاوه قدرتي آفتن ۾متاثرن جي امداد لاءِ ڊيٽا موجود هجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر وقت چونڊ لاءِ تيار آهي، تازي ننڍي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو ٻن سيٽن تي فوڪس هو، ٻنھي سيٽن تي پاڪستان پيپلز پارٽي وڏي مارجن سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پي ٽي آءِ کي عبرتناڪ شڪست ڏني. جيڪو شخص چوندو هو ته هو پاپولر ليڊر آهي، ان ٻن سيٽن سان ثابت ٿي ويو ته هي شخص پاڪستان پيپلز پارٽي جي سامهون ڪيترو مقبول آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته سڀاڻي مڪاني چونڊيون ٿي وڃن، انشا الله پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي جي مڪاني چونڊن ۾ سنگل لارجيسٽ جماعت ٿي اڀرندي. هن چيو ته امن امان کي قائم ڪرڻ لاءِ پوليس فورس جي گهٽتائي جو مسئلو آهي. هن وقت 30 سيڪڙو ٻهراڙي علائقن ۾ پاڻي موجود آهي. پوليس ريليف ڪيمپن ۽ امدادي سامان جي ترسيل ۽ ورڇ تي معمور آهي. سنڌ حڪومت وفاق کي چيو ته سڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪيا وڃن ته جيئن 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊيون ڪرايون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني ته جيڪڏهن وفاق سيڪيورٽي فراهم نٿو ڪري ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊيون ٻن مرحلن ۾ڪرايون وڃن. 23 آڪٽوبر تي ڪراچي جي اڌ ضلعن ۾ مڪاني چونڊيون منعقد ڪرايون وڃن ۽ ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ باقي ضلعن ۾ مڪاني چونڊيون منعقد ڪرايون وڃن. هن چيو ته سنڌ حڪومت 23 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊيون منعقد نه ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ناهي چيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي تجويز کي منظور نه ڪيو ۽ مڪاني چونڊيون ملتوي ڪري ڇڏيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن کان ڪڏهن به فرار ناهي ٿي، هي هٿ ٺوڪيو پروپيگينڊا جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ ڪيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊيل نمائندا ميئر ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين کي اختيار هجڻ گهرجن، ھن چيو ته قانوني مسودي تي ڪم جاري آهي. جيڪڏهن اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو هوندو ته اسيمبلي ۾ ان بل جو مسودو پيش ڪيو ويندو جيڪڏهن اسيمبلي نه هلي رهي هوندي ته آرڊيننس جي ذريعي لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ کير جي قيمتن ۾ واڌ وارو مسئلو هاءِ لائٽ ٿي رهيو آهي، جنهن جو وزير اعليٰ سنڌ سختيءَ سان نوٽيس ورتو آهي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي منافع خورن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي. هن چيو ته عمران خان مخالفن تي جيڪو به الزام لڳايو آهي ان ۾ هو پاڻ ملوث رهيو آهي. مان چيلينج ڪيان ٿو ته ٻڌايو وڃي ته عمران خان مخالفن تي جيڪي الزام لڳايا انهن مان ڪهڙو الزام آهي جنهن ۾ هو پاڻ نه پڪڙيو ويو هجي. مني لانڊرنگ ان تي فارن فنڊنگ ڪيس ۾ ثابت ٿي وئي هي شخص جيڪو مخالفن تي ڪرپشن جا الزام لڳائي رهيو آهي اڄ عمران خان جي پنهنجي گهر تي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿي رهيا آهن. پاڪستان جي عوام ڏٺو ته گوگي آنٽيءَ جو ڪهڙو ڪردار هو. ٻي آنٽي جيڪا بني گالا ۾ ويٺي هئي ان جو ڪهڙو ڪردار هو ان سان گڏ ٽئين آنٽي جيڪا سلائي مشين تي ڪم ڪندي هئي ان اربين روپيا ڪمايا ۽ ٻاهرين ملڪ ملڪيت خريد ڪئي. صوبائي وزير چيو ته هر معاملي ۾ عمران خان ايڪسپوز ٿي رهيو آهي بلين ٽري سونامي ۾ خيبرپختونخوا ۾ ايتري زمين ناهي جيترا وڻ لڳايا ويا آهن صوبائي حڪومت جي آفيسرن جي رپورٽ هئي ته بي آر ٽي پشاور ۾ 7 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته هو ميرٽ تي وزيراعظم بڻيو آهي سمورا فيصلا پاڻ ڪندو آهي ڪنهن کان به ڊڪٽيشن ناهي وٺندو اڄ اهوئي شخص چئي رهيو آهي ته هو بي اختيار وزيراعظم هو. هن چيو ته عمران خان هاڻي تحريڪ هلائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪڏهن ان شخص ۾ دم آهي ته تحريڪ هلائي ڏيکاري. هن شخص ۾ هياءُ شرم آهي ته پنهنجي ٻارن، ڀينرن کي تحريڪ ۾ شامل ڪري. افغان شهرين کي پاڪستاني شهرين ڏيڻ جي سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت جو ان معاملي تي پڌرو موقف آهي ته غيرقانوني شهرين کي پنهنجي ملڪ واپس وڃڻ گهرجي جيڪڏهن ڪوبه غيرقانوني داخل ٿي ويٺو آهي ان کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. اسٽريٽ ڪرائمز جي سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ پوليس اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي اسڪينر لڳايا ويا پيا وڃن. هن چيو ته سنڌ پوليس بهترين ڪم ڪري رهي آهي انهن کي سلام پيش ڪيون ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ صدر جي علائقي ۾ ڊينٽل ڪلينڪ جي واقعي ۾ ملوث ڏوهاري کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليس سخت محنت ڪري رهي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته موجوده اسٽيبليشمينٽ 100 سيڪڙو غيرسياسي ۽ نيوٽرل آهي. سياسي جماعتن کي گذارش آهي ته اسٽيبليشمينٽ کي سياست ۾ نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ھميشه جدوجهد رهي آهي ته اسٽيبليشمينٽ نيوٽرل رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button