پاڪستان

سنڌ جو گورنر ڪرپٽ ماڻهو آهي، قوم کي حق جو ساٿ ڏيڻو پوندو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ملڪ تي چورن کي مڙهيو ويو آهي، جن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي اهي چوڪيدار بڻايا ويا آهن، ملڪ فيصلائتي موڙ تي بيٺل آهي، جلد لانگ مارچ جو سڏ ڏيندس، قوم کي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. سرگوڌا يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته چورن جي غلامي ڪرڻ کان موت بهتر آهي، مان اهڙي زندگي نه ٿو چاهيان، اسان حقيقي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، اسان تي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو آهي، انهن کي چونڊن ۾ شڪست ملي رهي آهي، پنهنجي امپائر جي آڱر کڻائي به هارائي وڃن ٿا، قوم جو ڪپتان انهن چورن جو مقابلو ڪندو، ڇو ته منهنجو نالو ٻڌندي ئي انهن جون ڄنگهون ڏڪڻ لڳنديون آهن، دنيا ۾ اهي ئي ملڪ خوشحال آهن جتي انصاف جو نظام ۽ قانون جي حڪمراني آهي ۽ جتي ائين ناهي اتي رڳو تباهي آهي. هن چيو ته ملڪ جو وزيراعظم ان کي بڻايو ويو آهي جنهن کي 16 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ سزا ٿيڻي هئي، آصف زرداري تي چوري جا ڪتاب لکيا ويا آهن پر نيب سندس ڪيس ختم ڪندو پيو وڃي، سنڌ ۾ هڪ ڪرپٽ شخص کي گورنر لڳايو ويو آهي، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ مولا جٽ کي ڏسو ته ٻنهي ۾ ڪو فرق نظر نه ايندو. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽيون مستقبل جي ليڊرن جون نرسريون هونديون آهن، سڀني کي يونيورسٽين ۾ اچڻ گهرجي، مان چاهيان ٿو ته بلاول به توهان جي سامهون بيهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو چوندو هڪ ڳالهه ۽ سمجهه ۾ ڪجهه ٻيو ايندو، جڏهن ته مون کي يقين آهي جيڪڏهن شهباز شريف هتي آيو ته توهان کان پئسا وٺڻ شروع ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button