پاڪستانسنڌ

آصفا ڀٽو ملير ۾ حڪيم بلوچ جي رهائشگاهه تي پهتي، ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي واڌايون

ڪراچي: شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفا ڀٽو زرداري ملير ۾ پيپلزپارٽي جي ڪامياب ٿيل ايم اين اي حڪيم بلوچ جي رهائشگاهه تي پهتي، کيس ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون. هن ان موقعي تي ملير جي عوام ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن کي مبارڪون ڏنيون. جڏهن ته آصفا ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پيپلزپارٽي عوام ۾ تمام گهڻي مقبول آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي ۽ اها هميشه عوام سان ڏک سک ۾ گڏ رهي آهي ۽ اڳتي به عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button