پاڪستانسنڌ

ماڻهن کي جبري گم ڪرڻ جون ذميوار سياسي پارٽيون آهن:رياض چانڊيو

حيدرآباد: جيئي سنڌ محاذ مرڪز پاران جساف سان لاڳاپيل شاگردن جي ھڪ ڏينهن واري تربيتي ويھڪ ٿي، جنهن ۾ يغاني عاشق ماما جمن دربدر ۽ قومي رائٔيٽر عبدالباري منگي جي وڇوڙي تي 2 منٽ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته ھن ملڪ ۾ جديد تعليم، روشن خيال سياست، فلسفي، راڳ، آرٽ، ادب ۽ صحتمند جمهوري ڊسڪورس تي مڪمل بندش آھي، ھتي مذھبي جاھلت، تنگ نظري لاقانونيت ۽ دھشتگردي جي اجازت آھي، تعليمي ادارن ۾ قومپرست روادار ۽ سيڪيولر سياست ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، اعلى ادارن ۾ فرقيواريت پکيڙيندڙ ملن جا شاندار جلسا ڪرايا پيا وڃن، ھڪ طرف سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جھالت جو راڄ قائم آھي ته ٻئي طرف انتظاميا طرفان ڳاٽي ٽوڙ فيون، ناڪارا بس سروسز ۽ سھولتن جي اڻاٺ جا مسئلا آھن، شاگردن کي پنھنجي ادارن ۾ تاريخ، ثقافت، جمهوري قدرن ۽ قومي فڪر جي پرچار نٿي ڪرڻ ڏني وڃي، جيڪو ڪري ٿو ان کي کڻي گم ڪيو ٿو وڃي، ان جبر جي ذميوار پ پ، ن ليگ، پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جي يو آئي ۽ ٻيون تنگ نظر ساڄي ڌر جون جماعتون آھن. ان موقعي تي وائيس چيئرمين نواز شاھه ڀاڏائي چيو ته شاگرد قوم جو سجاڳ طبقو ھوندا آھن. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ اياز سولنگي، جساف آرگنائيزر عرس ڪيھر ثقلين سنڌي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button