پاڪستانسنڌ

اليڪشن ڪميشن عمران کي نااهل ڪري تاريخي فيصلو ڏنو:عاجز ڌامراهه

حيدرآباد: سينيٽر ۽ پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه چيو آهي ته توشه خانا ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تاريخي فيصلو ٻڌايو آهي، جنهن ۾ عمران نيازي کي نااهل قرار ڏيندي سندس خلاف فوجداري ڪيس هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سندس قومي اسيمبلي جي سيٽ کي پڻ خالي قرار ڏنو ويو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته توشه خانا ريفرنس جي فيصلي سان پوري قوم سامهون واضح ٿي چڪو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ اڻ ڌري ادارو ۽ عمران نيازي هڪ ٺڳ شخص آهي، جنهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جو ڪو به موقعو هٿان وڃڻ نه ڏنو، عوام سامهون پاڻ کي صادق ۽ امين چورائڻ لاءِ پنهنجي سياسي حريفن تي هر طرح سان گند ڪچرو اڇلايو، پر اڄوڪي تاريخي فيصلي سان اهو ثابت ٿي ويو ته اصل ۾ ملڪ جو سڀ کان وڏو ڪرپٽ شخص عمران نيازي پاڻ هو. سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته هاڻي فتني خان جا نمائندا ميڊيا تي اچي ماڻهن کي ورغلائي رهيا آهن ته اهي قانوني فيصلي تي روڊن تي نڪرن ۽ قانون هٿ ۾ کڻن، پر هاڻي پاڪستاني عوام عمران نيازي جي فتني کان چڱي ريت واقف ٿي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button