پاڪستانسنڌ

سعودي ۾ قتل ٿيل نوجوان جو لاش راڄوخاناڻي پهتو، تدفين

راڄوخاناڻي: ڏيڍ مھينو اڳ 6 سيپٽمبر 2022ع تي سعودي عرب جي شهر دمام ۾ مبينا قتل ٿيل راڄوخاناڻي واسي 22 سالن جي نوجوان محمد حارث آرائين پٽ محمد منشا آرائين جو مڙهھ گذريل ڏينھن سعودي کان ھوائي جھاز ذريعي ڪراچي پهچايو ويو، جتان ايمبولينس ذريعي راڄوخاناڻي سندس گھر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو. مبينا مقتول نوجوان روزگار سانگي ٽي سال اڳ سعودي ڪمائڻ لا ويو ھو. هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته نوجوان جي مبينا قتل بعد سعودي ۾ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button