پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا وارثن جو ڌرڻو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ مارجي ويل نوجوان جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ وارثن مظاهرو ڪيو. ٽائون ٿاڻي جي حد ڳوٺ ياسين غوري ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان مشتاق مڱريو جي قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ برادري جي ماڻهن مقتول جي والد حاڪم مڱريو جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا توڙي پوليس خلاف نعريببازي ڪئي. ان موقعي تي هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته نوجوان کي هٿياربندن بيگناهه قتل ڪيو آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، پر پوليس اڃا تائين مک جوابدار وڪيل يار محمد مڱريو کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. هنن چيو ته جوابدارن کي بااثر ڌرين جي سپورٽ حاصل آهي، ان ڪري پوليس منجهن هٿ وجهڻ لاءِ تيار ناهي. وارثن روئيندي چيو تھ جوابدارن مان اڃا بھ کين خطرو آھي، ھو ھيسائي ڪيس تان ھٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button