پاڪستانسنڌ

اڏيرولال ۾ امداد نه ملڻ ۽ تپيدار خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

اڏيرولال: تعلقي مٽياري جي مختلف يوسيز جي ڳوٺاڻن لياقت ميرجت، وڏيري سڪندر ساهووال، مير نصرالله عاقلاڻي، بالو ساهووال، صفدر عاقلاڻي، عالم بالادي ۽ محمد شريف جي اڳواڻي ۾ تپيدار الاھي بخش ڀيو خلاف پريس ڪلب اڏيرولال اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڳوٺاڻن چيو ته تپيدار الاھي بخش ڀيو تعلقي مٽياري جي يوسيز کي نظرانداز ڪيو آهي ۽ برسات متاثرن جو سڀ مال ھڙپ ڪري ويو آهي، تپيدار من پسند ماڻهن کي نوازي پيو. برسات ختم ٿيندي 3 مهينا ٿي ويا، پر تپيدار اڃا تائين ڪوڙا دلاسا ڏئي پيو. تعلقي مختلف يوسيز جي ڳوٺن ۽ زمينن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي، ڪيترائي ڀيرا ڊي سي مٽياري کي شڪايتون ڪيون، پر ڊي سي مسئلو حل نه ڪيو. هن وقت به هزارين ماڻهو روڊن، واهن ۽ شاخن جي ڪنارن تي امداد جي آسري ويٺل آهن، يوسي اڏيرولال اسٽيشن ۽ يوسي عرضي هڪڙا ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ زمين برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ھنن چتا ڏنو ته مسئلا حل نه ٿيا ته 27 آڪٽوبر تي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا مٽياري ۽ تپيدار الاھي بخش ڀيو خلاف 71 موري تي ڌرڻو ھڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button