پاڪستانسنڌ

بدين لڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ

بدين: بدين لڳ گهران نڪرڻ بعد گم ٿيل نينگر جو ٻئي ڏينهن لاش مليو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري پوليس کان جاچ جو مطالبو ڪيو. بدين ڀرسان ڳوٺ جمن ملاح جو رهواسي 15 ورهين جو عامر پٽ محبوب ملاح هڪ ڏينهن اڳ گهر ان نڪرڻ بعد گم ٿي ويو هو، جنهن جو گذريل ڏينهن ڍنڍ مان لاش مليو. ان ڏس ۾ نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته عامر هڪ ڏينهن پهرين گهران نڪرڻ بعد غائب ٿي ويو، جنهن جي ڳولا ڪئي ته سندس لاش هٿ آيو. نينگر جي ڪنڌ تي تشدد جا نشان آهن، خدشو آهي ته کيس تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آهي. هنن ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته نينگر جو لاش ملڻ واري واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button