پاڪستان

گرفتار ڪيل سينيٽر اعظم سواتي جي نيٺ ضمانت منظور

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ تي گرفتار ڪيل تحريڪ انصاف اڳواڻ سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. وفاقي راڄڌاني جي مقامي عدالت سينيٽر اعظم سواتي جي گرفتاري کان بعد واري ضمانت منظور ڪندي 10 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته اسلام آباد جي عدالت اعظم سواتي جي ضمانت واري درخواست تي گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو، مٿس فوج جي سربراهه ۽ ادارن خلاف تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ جو الزام آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button