پاڪستان

عمران خان جي نااهلي 5 سال هوندي، قانون واري وزير واضح ڪري ڇڏيو

قانون جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن عمران خان کي 5 ورهين لا نااهل قرار ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اليڪشن ڪميشن آڏو غلط حقيقتون رکيون، اليڪشن ڪميشن اڃا به احتياط کان ڪم ورتو آهي، نه ته عمران خلاف هڪ ٻي ڪارروائي به ٿي پئي سگهي، عمران خان جا ساٿي چئي رهيا آهن ته وڏي ناانصافي ٿي وئي آهي، ناانصافي ته تڏهن ٿئي ها جڏهن قانون ڪنهن شي جو تعين نه ڪري. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان کي آئين جي شق 63 اي تحت پنجن سالن لا نااهل قرار ڏنو ويو ۽ مٿس فوجداري ڪيس هلائڻ جو چيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button