اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف ايڪسٽينشن نه وٺندو، 5 هفتن بعد عهدي تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان

آرمي چيف قمر جاويد باجوا نوڪري جي مدي ۾ واڌ جو امڪان رد ڪندي 5 هفتن کانپو عهدي تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مان ايڪسٽينشن نه وٺندس ۽ پنجن هفتن بعد رٽائر ٿي ويندس. پنهنجي بيان ۾ جنرل باجوا چيو ته فوج هاڻي ملڪ جي سياست ۾ ڪو به ڪردار ادا نه ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته فوج غير سياسي رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. آ ايس پي آر مطابق آرمي چيف نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو ۽ 24 هين قومي سلامتي ورڪشاپ کي خطاب ڪيو. آرمي چيف قومي سلامتي جي چئلينجن ۽ جوابي قدمن تي ڳالهائيندي چيو ته قومي مفادن جي حفاظت ۽ ان کي هٿي ڏيارڻ لا قومي هم آهنگي هجڻ اڻٽر آهي، پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏنو آهي ۽ هر دفعي سگهاري نموني اڀري نڪتو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ قومي اتحاد ۽ يگانگت سان ڪامياب ٿي. واضح رهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو بيان هڪ اهڙي موقعي تي آيو آهي جڏهن اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين جي چيئرمين عمران خان کي توشا خانا ريفرنس ۾ مالي اثاثا لڪائڻ بابت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏنو آهي. اهو پهريون موقعو ناهي جڏهن آرمي چيف پنهنجي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان واضح بيان ڏنو هجي، ان کان اڳ به جنرل باجوا ڪيترائي ڀيرا توسيع نه وٺڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. هلندڙ سال اپريل ۾ آ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) جنرل بابر افتخار چيو هو ته قمر جاويد باجوا نه ايڪسٽينشن وٺندو ۽ نه ئي ان کي قبول ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button