اسلام آبادپاڪستان

نااهلي ڪافي ناهي، حڪمران اتحاد عمران خان خلاف وڌيڪ ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حڪمران اتحاد (پي ڊي ايم) توشا خانا ريفرنس ۾ عمران خان جي نااهلي وارو فيصلو اچڻ بعد سندس خلاف وڌيڪ ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ آهي ته صادق ۽ امين وارو بت ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويو آهي، سياسي مخالفن بابت ڪوڙ ڦهلائڻ وارو سند يافتا چور سڳ سوڌو جهلجي پيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن توشا خانا ريفرنس ۾ انصاف ڪيو آهي، سڄي قوم ڏسي ورتو ته ڪرپٽ پريڪٽس ڪري وزيراعظم جي منصب کي ذاتي آمدني جو ذريعو بڻايو ويو، سچائي ۽ امانت وارو بُت اڄ ڀورا ڀورا ٿي ويو، قانون سان مهاڏو اٽڪائڻ، گوليون هلائڻ، لٺبازي ۽ فسادي جٿا آڻڻ بدران قانون آڏو سر جهڪائجي، ڪير به قانون کان مٿانهون نه آهي. پي ڊي ايم ۽ جمعيت علما اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عمران خان کي اقتدار مان ڪڍيو، هاڻ ملڪي سياست مان به ٻاهر ٿي ويو آهي. هن تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف آيل فيصلي کي قوم ۽ حڪومتي اتحاد جي سوڀ قرار ڏيندي چيو ته گهڻو وقت اڳ ئي اسان جي ڳالهه مڃڻ گهرجي ها، عمران پاڪستاني سياست جو غير ضروري عنصر آهي، سندس پٺيان عالمي اسٽيبلشمينٽ آهي، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد ڏيکاريل ردعمل تحريڪ انصاف جي وائڙپ کي ظاهر ڪري ٿو، تحريڪ انصاف جي قيادت ۽ ڪارڪنن ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته عوام کين ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻين کي چور چوڻ وارو پاڻ چور ثابت ٿيو آهي، هن سڄي دنيا کي لٽيو آهي، عمران خان جي نااهلي تي سڄي قوم کي مبارڪون ڏيان ٿو. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز عمران خان جي نااهلي تي ردعمل ظاهر ڪندي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان جو پهريون سرٽيفائيڊ ڪوڙو ۽ سند ورتل چور پنهنجي چوري جي ناقابل ترديد ثبوتن سميت نااهل ٿيو آهي. مريم نواز تحريڪ انصاف چيئرمين تي طنز ڪندي لکيو ته ٻنهي زال ۽ مڙس گڏجي قومي ناڻي کي لٽيو، جيڏي وڏي چوري آهي ان جي سزا نااهلي تي ختم نه ٿيڻ گهرجي، عمران خان کي گرفتار ڪري قانون آڏو پيش ڪيو وڃي ۽ لٽيل پئسو واپس وٺڻ گهرجي. ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بابت ردعمل ڏيندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ انا لله و انا اليه راجعون لکيو آهي، جڏهن ته نواز ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ لکيو ته جمعي جو ڏينهن مبارڪ هجي. هوڏانهن عمران خان خلاف اليڪشن ڪميشن مان فيصلو اچڻ بعد اسلام آباد ۾ حڪومتي اتحاد جو اجلاس پڻ ٿيو، جنهن ۾ مستقبل جي لائحه عمل سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button