اسلام آبادپاڪستان

عمران خان توشا خانا ريفرنس ۾ نااهل قرار، قومي اسيمبلي مان ٻاهر، فوجداري ڪارروائي جو حڪم

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي توشا خانا ريفرنس ۾ آرٽيڪل 63 ون پي تحت نااهل قرار ڏئي فوجداري ڪارروائي جو به حڪم ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف چيئرمين کي مس ڊڪليريشن جو ڏوهي قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جو پيش ڪيل بئنڪ رڪارڊ تحفن جي قيمت سان مطابقت نٿو رکي، عمران خان جي نااهلي 5 رڪني اليڪشن ڪميشن جو گڏيل فيصلو آهي، جنهن تحت هاڻي هو قومي اسيمبلي جو ميمبر ناهي رهيو ۽ سندس سيٽ خالي قرار ڏني وئي آهي. تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس ۾ 19 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي کيس 5 سالن لا نااهل قرار ڏنو آهي. آئين جي آرٽيڪل 63 ون پي مطابق ڪنهن چونڊيل ايم اين اي يا ايم پي اي جي نااهلي وقتي طور تي عمل جوڳي هوندي، اهڙي طرح اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تحت عمران خان تاحيات نااهلي کان بچي ويو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا فيصلو پاڻ پڙهي ٻڌايو. عمران خان جي وڪيل پوليس طرفان بدسلوڪي جي شڪايت ڪئي، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته بد تهذيبي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر فيصلي بابت ٻڌايو ته سڀئي ميمبر فيصلي تي سهمت آهن، عمران خان ڪرپٽ پريڪٽس ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو آهي، تنهن ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي جي شروعات ڪئي وڃي. توشا خانا ريفرنس جو لکت وارو فيصلو 36 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي مس ڊڪليريشن جو مرتڪب قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ڄاڻي واڻي اليڪشن ڪميشن ۾ غلط گوشوارا جمع ڪرايا ۽ پاڻ کي مليل تحفا گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا، عمران خان سال 19- 2018ع دوران مليل تحفا وڪرو ڪرڻ بعد حاصل رقم به ظاهر ناهي ڪئي، عمران خان جو پيش ڪيل بئنڪ رڪارڊ تحفن جي قيمت سان مطابقت به نٿو رکي، عمران خان پنهنجي جواب ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو اهو غير واضح ۽ مبهم هو، اڳوڻي وزيراعظم مالي سال 21- 2020ع جي گوشوارن ۾ به حقيقتن کي لڪايو، عمران خان اليڪشن ايڪٽ جي شقن 137، 167 ۽ 137 جي ڀڃڪڙي ڪئي، هو اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 174 تحت سزا جو مستحق آهي. فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس کي سيڪشن 190 ٽو تحت عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي، سيڪشن 174 تحت عمران خان کي 3 سال جيل يا هڪ لک رپيو ڏنڊ يا ٻئي سزائون اچي سگهن ٿيون. واضح رهي ته حڪومتي اتحاد ۾ شامل نواز ليگ اڳواڻ محسن رانجها ۽ ٻين ايم اين ايز قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ عمران خان خلاف توشا خانا ريفرنس 4 جولا تي جمع ڪرايو هو. ريفرنس ۾ چيو ويو هو ته عمران خان توشا خاني مان وصول ڪيل تحفا وڪرو ڪيا ۽ گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪيا آهن، عمران خان توشا خاني مان تحفن جي خريداري کي ڄاڻي واڻي لڪايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button