اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف جو عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان، خبر هئي اهڙو ئي فيصلو ايندو: عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف توشا خانا ريفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پارٽي اجلاس ۾ اڪثر اڳواڻن عمران خان کي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جون صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته مون کي اڳ ئي خبر هئي ته اليڪشن ڪميشن مان ڪهڙو فيصلو ايندو، اليڪشن ڪميشن مافيا جو حصو آهي. پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته مون کي اڳ ئي خبر هئي ته نتيجو ڇا نڪرندو، گذريل رات واٽس ايپ ذريعي سمورن ميمبرن کي ٻڌايم، مون سڀني کي چيو ته مون کي نااهل ٿيڻو آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ مون کي هڪ ئي پاسي ڏيکاريو پيو وڃي، نواز شريف چور ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو ڏوهي آهي، سندس ٻارن جا وڏا محل آهن. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته نوازشريف هڪ به رسيد نه ڏيکاري سگهيو ته رقم ڪٿان آئي، مون عدالت ۾ هڪ هڪ رسيد ڏيکاري، وڏن ڏوهارين کي بچايو پيو وڃي جن تي اربين رپين جا ڪيس آهن، جيڪي 26 سالن کان قانون جي بالادستي لاءِ وڙهندا رهيا آهن انهن تي ڪيس ڪيا پيا وڃن. عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجي سڄي زندگي هنن چورن سان وڙهڻ ۾ گذري آهي، جيستائين جيئرو آهيان ساڻن وڙهندو رهندس، اسان فيصلائتي موڙ تي آهيون، عوام کي ڪال ڏيندس، عوام کي چوان ٿو ته احتجاج ختم ڪن. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي بعد تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ردعمل ڏيندي چيو ته اسان فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ وڃي رهيا آهيون، پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پٽيشن داخل ڪندي. ٻئي طرف عمران خان جي نااهلي بعد حڪمت عملي جوڙڻ لا پاڪستان تحريڪ انصاف قيادت ڪنهن فيصلي تي نه پهچي سگهي. عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو ٻه ڀيرا اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. ذريعن موجب اجلاس ۾ پنجاب ۽ پختونخوا اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو مشورو ڏنو ويو، جڏهن ته لانگ مارچ جي حوالي سان به حتمي فيصلو سامهون اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب ڪيترن ئي اڳواڻن صلاح ڏني ته ڪي پي ۽ پنجاب اسيمبلين کي ٽوڙي ملڪ کي عام چونڊن ڏانهن وٺي وڃجي، جڏهن ته ڪجهه اڳواڻن لانگ مارچ جي اعلان جي حمايت ڪئي. هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کان پارٽي جي چيئرمين بابت سوال پڇيو ويو ته هن چيو ته عمران خان ئي تحريڪ انصاف جو سربراهه آهي، پارٽي عمران جي آهي ۽ عمران جي ئي رهندي، سياسي ميدان ۾ شڪست ملڻ بعد عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ذريعي نااهل ڪرايو ويو آهي جنهن کي رد ڪريون ٿا. فواد چوڌري ۽ شهباز گِل فيصلي کي رد ڪندي چيو ته جنهن نموني اڄ اهو فيصلو ٿيو آهي ائين پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، اڄ پاڪستان جي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي خلاف فيصلو ٻڌايو ويو آهي . فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي پي ڊي ايم ۾ شامل ڇو نٿو ڪيو وڃي، اسان کي اليڪشن ڪميشن مان پهريان به ڪا اميد نه هئي، اڄ پاڪستان ۾ انقلاب جي شروعات ٿي وئي آهي، عوام ان فيصلي کي رد ڪري ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو ته ملڪ کي تيزي سان ٽڪراءُ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، عمران خان جي خلاف غير آئيني فيصلو وفاق جي بنياد تي حملو آهي، توهان ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟ ڇا توهان پاڪستان جا مالڪ آهيو ۽ ٻيا سڀ ڪرائيدار؟ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ڪير به مائنس نٿو ڪري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button