اسلام آبادپاڪستان

عمران خان تي فوجداري ڪيس ٿيندو، رستن تي تماشي بدران عدالت وڃي: گهرو وزير

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان کي نااهلي واري فيصلي خلاف اپيل جو حق آهي، هو رستن تي تماشو ڪرڻ بدران عدالت ۾ وڃي، جيڪڏهن فيصلو سندس حق ۾ آيو ته اسان اڳئين عدالت ۾ وينداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُ الله چيو ته اليڪشن ڪميشن جي سمورن ميمبرن کي خراج پيش ڪريان ٿو، سمورن ميمبرن گڏجي فتني خان کي وائکو ڪيو، سٺي قوم آڏو عمران خان جو گندو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته فتني قوم کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، ٻين کي چور چوڻ وارو اڄ پاڻ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آهي، ادارن جو فرض آهي ان فتني جو سر چيڀاٽڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، پنجاب جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري سرٽيفائيڊ چورن جي غلامي بدران رياست جو ساٿ ڏين. وفاقي گهرو وزير چيو ته ادارن کان معلومات ورتي آهي ته احتجاج ۾ ڪٿي به چاليهه يا 50 کان وڌيڪ ماڻهون ناهن، جيڪڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هجي ها ته اهي به نه نڪرن ها. هن وڌيڪ چيو ته بني گالا ۾ سڀ چور گڏ ٿيا آهن، اڃا رڳو عمران خان جو حساب ٿيو آهي ۽ فرح ۽ پنڪي پيرڻي جو احتساب باقي آهي، انهن چورن خلاف فوجداري ڪيس داخل ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button