حيدرآباد/شاهپورجهانيان: ماما جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڪراچي ۽ شاهپورجهانيان ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي ڀيٽا پيش ڪئي. ان سلسلي ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ۽ سيد جي عاشق ماما جُمن دربدر جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿي گُذريو، جنهن ۾ عبدالغفور کتري، اظهر ٻانڀڻ، مُظفر ميمڻ، اشفاق گوتم، سليم انور عباسي، سارنگ جويو، هالار منگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هنن چيو ته ماما جمن دربدر سڄي زندگي سنڌ ۽ سيد سان عشق ڪندي گذاري. ٻي طرف شاهپورجهانيان ۾ تعزيتي ميڙاڪو ٿيو، جنهن ۾ مٺل جسڪاڻي، عبدالفتاح ٻگهيو، امام الدين لانگاهه، ظفر ٻگهيو، حامد علي حامد، سيف سنڌي، علي خان لغاري ۽ آفاق سهتو چيو ته جمن دربدر سنڌ جو عاشق هو، ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان محبت ڪندو هو، انتهائي سادو پر سنڌ وطن جو سچو سپاهي هو، سائين جي ايم سيد جو فڪري پيروڪار هو، جيڪو آخري دم تائين فڪر جي ايم سيد سان سلهاڙيل رهيو. هنن چيو ته جمن دربدر پنهنجي شاعري وسيلي سنڌي ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ کين پنهنجا حق وٺڻ لاءِ بيدار ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close