پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم لڳ ڪتي کي بچائيندي موٽرسائيڪل سلپ، وڪيل فوت

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ تار باغ بس اسٽاپ ڀرسان ڪتي کي بچائيندي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري ٽنڊوآدم جو مشهور وڪيل 55 سالن جو سيد راشد حسين ڪري زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقا اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد حيدر آباد نيو پئي ويو ته رستي ۾ فوت ٿي ويو. بي سيڪشن پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. فوتي انشورنس ڪمپني سان سلهاڙيل هو ۽ وڪالت به ڪندو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button