پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ڪلچرل ڪامپليڪس جمن دربدر جي نالي منسوب ڪرڻ جو اعلان

عمرڪوٽ: سنڌ جي عاشق ماما جمن دربدر جي وارثن سان چونڊيل نمائندن، سڄاڻ ڌرين ۽ صحافين پاران تعزيت جو سلسلو جاري آهي. صوبائي وزير سردار شاهه ڳوٺ روحل پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته عمرڪوٽ ڪلچرل ڪامپليڪس کي ماما جمن دربدر جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، ڪامپليڪس ۾ سماجي ادبي ۽ ثقافتي اهي سڀ رنگ هوندا، جيڪي ماما جمن جي شخصيت ۾ هئا، لائبريري هوندي، ان سان گڏ موسيقي جو سکيا گهر به هوندو، ماما جمن دربدر لوڪ ڳيتن کي نئون جياپو ڏنو، ان کان علاوه سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو، اهو رول ماڊل آهي، اسان جا تمام گهڻا ويجھا واسطا هئا، مونکي پهرين تقرير به ماما جمن لکي ڏني هئي، جيڪا مون اسڪول ۾ ڪئي هئي، لکڻ پڙهڻ ۾ اتساهيندو هو، شاعري جو به شوق ماما جمن جاڳايو، سولي سنڌي ۾ ائين چئجي ته ماما وارو وڄائي ويو. ايم پي اي راڻا همير سنگهھ چيو ته ماما سماج جو ڄاڻو ڪردار هو، هن پنهنجي ڄاڻ منفرد انداز سان ماڻهن تائين پهچائي، جيڪڏهن انصاف ٿئي ها ته کيس ڊاڪٽر جو لقب ڏنو وڃي ها. صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ايم پي اي قاسم سراج سومرو چيو ته ماما جمن دربدر اسان جي گڏيل محبتن جو گلدستو هو، سهپ رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام جهر جهنگ پهچايو، ان کانسواءِ ڊاڪٽر دودو مهيري، جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، پروفيسر ممتاز سومرو، فاروق وڳڻ، استاد جمن گجو، سگهڙ قاسم راهمون، ڊاڪٽر اشوڪ بختاڻي، ساگر ڏهراج، گل حسن لاکو، شهزاد جلباڻي، اياز کهاوڙ، پروفيسر ممتاز سومرو، ارباب ڀيل، جلال ڪوري، ارباب نيڪ محمد، علي زاهد، علي گل گبول، حاجي خان ڪيريو، ڊاڪٽر فتح مري، غازي سمون، سجاد چانڊيو ۽ ٻين تڏي تي پهچي ماما جمن دربدر جي وارثن سگهڙ ساند، هوشو ساند، شاعر حليم باغي ۽ ٻين سان افسوس جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button