پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ رڪشا ڊرائيور جو ڀائرن ۽ وليد پوليس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني جي رهواسي پورهيت گهرڀاتين سان گڏجي بااثر ڀائرن ۽ وليد پوليس جي زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي چنگچي ڊرائيور پورهيت علي شير ڪلهوڙو پنهنجي گهرواري حسنه، پٽن انور علي ڪلهوڙو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسان اصل قمبر تعلقي جي ڳوٺ رانوتي جا آهيون، 8 سال اڳ روزگار جي سلسلي ۾ لڏي گهرڀاتين سان گڏ لاڙڪاڻي شهر جي يار محمد ڪالوني ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳايو ته منهنجا ڀائر علي محمد، احمد علي، همٿ ۽ علي نواز ڪلهوڙو مختلف ماڻهن کان وياج تي قرض وٺڻ سان گڏ موٽرسائيڪلون، ٻڪريون ۽ ٻيون شيون چوري ڪرڻ جي وارداتن ۾ ملوث رهيا آهن، جن جا قرض ادا ڪرڻ سان گڏ وياج ڀري تنگ اچي ويو آهيان، هاڻ ڀائر وڌيڪ پئسا گهرن پيا، جن کي مون پئسا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان تي ڀائر مون سميت منهنجي گهرواري کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، وليد پوليس کي شڪايت ڪئي، پوليس ڀائرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ويتر مون کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري رهي آهي، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ڀائرن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button