پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ نوجوان کوهه ۾ ٽپو ڏئي انت آڻي ڇڏيو

ڇاڇرو: ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ روهيراڙو ڀگتاڻي ۾ 23 ورهين جي نوجوان کجورو پٽ ڍولو ڀيل گهرو پريشانين سبب مبينا طور کوھه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، جنهن کي ڳوٺاڻن سخت زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال آندو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، پر نوجوان رستي ۾ فوت ٿي ويو، جنهن بعد لاش واپس ڇاڇرو اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي وارثن موجب سال اڳ زال فوت ٿيڻ بعد نوجوان اڪثر پريشان رهندو هو، گذريل ڏينهن گهروارن سان ناراض ٿي کوھه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته رپورٽ داخل ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button