اسلام آبادپاڪستان

سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف ڪينيا ۾ گولي هڻي قتل

مختلف خانگي ٽي وي چئنلز تي اينڪر پرسن طور فرض نڀائيندڙ سينيئر صحافي ارشد شريف کي ڪينيا ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو، مقامي پوليس صحافي کي غلط فهمي جي بنياد تي گولي هڻي مارڻ جو اعتراف ڪري ورتو، جڏهن ته پاڪستان ارشد شريف جي قتل جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ ڪينيا کي درخواست ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ملڪ جي ناليواري صحافي ۽ اينڪر ارشد شريف ڪينيا جي گادي واري شهر نيروبي ۾ قتل ٿي ويو، ان حوالي سان سندس بيواهه جويريا صديق تصديق ڪندي ٻڌايو ته سندس مڙس ارشد شريف کي نيروبي شهر ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي، ارشد ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي کان لنڊن ۽ بعد ۾ ڪينيا ويل هو. ارشد شريف جي بيواهه جويريا هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته اڄ مون پنهنجو دوست، مڙس ۽ پسنديده صحافي وڃائي ڇڏيو آهي، مقامي پوليس ٻڌايو جو چوڻ آهي ته ارشد کي ڪينيا ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اپيل ڪئي ته اسان جي رازداري جو احترام ڪيو وڃي ۽ بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ مهرباني ڪري اسان جي ڪٽنب جون تصويرون، ذاتي تفصيل ۽ ارشد شريف جي اسپتال ۾ ورتل آخري تصوير شيئر نه ڪئي وڃي. ٻئي طرف ڪينيا جي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستاني صحافي ارشد شريف جي موت جو واقعو پوليس طرفان سڃاڻپ ۾ غلط فهمي جي نتيجي ۾ پيش آيو آهي. ڪينيا جي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پوليس دعويٰ ڪئي ته ارشد شريف ۽ سندس ڊرائيور مبينا طور ناڪابندي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن تي پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪئي ۽ ارشد شريف مٿي ۾ گولي لڳڻ ڪري دم ڏئي ڇڏيو ۽ ڪار جو ڊرائيور زخمي ٿي پيو آهي، قتل واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب انڊپينڊنٽ پوليس ۽ سائيٽ اٿارٽي جو ادارو پاڪستاني صحافي جي قتل جي جاچ ڪري رهيو آهي. اداري جي سربراهه اين ماڪوري نيروبي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڪيجياڊو ڪائونٽي جي ٽنگا مارڪيٽ ۾ پاڪستاني شهري ارشد شريف کي مبينا طور پوليس قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيا جي پوليس موجب پاڪستاني صحافي پنهنجي ڊرائيور سان گڏ مگادي کان نيروبي طرف سفر ڪري رهيو هو، جتي پوليس رستي ۾ روڊ بلاڪ ڪري چيڪنگ ڪري رهي هئي، ارشد شريف جنهن گاڏي ۾ سوار هو، اُهڙي ئي هڪ ٻِي ڪار ۾ ٻار جي اغوا جو اطلاع مليو هو، ٻار جي بازيابي لاءِ روڊ بلاڪ ڪري گاڏين جي تلاشي ورتي پئي وئي ته پاڪستاني صحافي جي ڊرائيور ڪار روڪڻ بدران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، پوليس طرفان هلندڙ جاچ جي شروعاتي رپورٽ مطابق ڪار تي 9 فائر ڪيا ويا ۽ انهن مان هڪ گولي ارشد شريف جي مٿي ۾ لڳي. پوليس رپورٽ ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو ته ارشد شريف جي گاڏي سندس ڀاءُ خرم احمد هلائي رهيو هو، مگادي هاءِ وي تي پوليس ننڍا پٿر رکي روڊ بلاڪ ڪيو هو، ارشد شريف جي ڪار روڊ بلاڪ هجڻ جي باوجود نه بيٺي، پوليس آفيسرن ڪار نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي ۽ گاڏي تي 9 گوليون فائر ڪيون، جن مان هڪ گولي ارشد شريف جي مٿي ۾ لڳي. ڪينيا جي نيشنل پوليس فورس واقعي تي افسوس ظاهر ڪندي ارشد شريف جي ڪٽنب سان تعزيت به ڪئي آهي، پوليس مطابق لاڳاپيل عملدار واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن. هوڏانهن پاڪستان حڪومت ڪينيا کي سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ درخواست ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب قائم مقام پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير ڪينيا جي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ڪئي آهي. ترجمان مطابق وزيراعظم شهباز شريف به ڪينيا جي صدر کي ضابطي جي ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترجمان ٻڌايو ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن ضابطي جي ڪارروائي تيز ڪرڻ لاءِ ڪينيا جي حڪومت سان رابطي ۾ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button