اسلام آبادپاڪستان

ارشد شريف جو موت پاڪستان ۽ صحافت جو وڏو نقصان آهي:صدر

سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن ارشد شريف جي قتل تي صدر، وزيراعظم ۽ ٻين سياسي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوشل ميڊيا تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته صحافي ارشد شريف جو موت پاڪستان ۽ صحافت لا وڏو نقصان آهي. وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته ارشد شريف جي المناڪ موت تي افسوس آهي ۽ ڏاڍو ڏک پهتو آهي، الله کيس جنت ۾ جايون ڏئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ارشد شريف جو قتل صحافتي برادري لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، مون کي صدمو پهتو آهي، ارشد شريف جي قتل جي معاملي تي پرڏيهي وزارت ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪينيا ۾ ارشد شريف جو موت افسوسناڪ واقعو آهي، اصل حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪينيا جي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. نيروبي ۾ موجود پاڪستاني سفارتخانو ارشد شريف جي معاملي ۾ مڪمل سهڪار ڪري رهيو آهي. اسان ڏکويل خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button