اسلام آبادپاڪستان

عمران خان مقتول صحافي جي تڏي تي پهچي ويو،عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو

تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان قتل ڪيل سينيئر صحافي ارشد شريف جي پونيئرن سان تعزيت لا سندس گهر پهتو، اڳوڻي وزيراعظم قتل واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ارشد شريف جي قتل تي صدمو پهتو آهي، هن پنهنجي جان ڏئي سچ ڳالهائڻ جي قيمت ادا ڪئي آهي، ارشد شريف کي ملڪ ڇڏي پرڏيهه روپوش ٿيڻو پيو، سندس وفات تي پوري قوم سوڳوار آهي. ٻئي پاسي ارشد شريف جي گهر تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ارشد شريف جي قتل جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري لکيو ته ارشد شريف جي قتل جي خبر تي دل رتورت آهي، هاڻي ظلم جي حد پار ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button