اسلام آبادپاڪستان

ارشد جي قتل جي سازش پاڪستان ۾ ٿي/لانگ مارچ ۾ رڳو رتوڇاڻ نظر اچي رهي آهي:واوڊا

اسلام آباد :تحريڪ انصاف اڳواڻ فيصل واوڊا چيو ته مون کي عمران خان جي لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ نظر اچي رهي آهي. هن دعويٰ ڪئي آهي ته ارشد شريف جو موت حادثو نه هو، کيس قتل ڪيو ويو، جنهن جي سازش پاڪستان ۾ ٿي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته ارشد شريف کي سازشين ڊيڄاريو ۽ مجبور ڪيو ته ملڪ مان هليو وڃي. منهنجي خيال ۾ ارشد شريف جو موت ڪو حادثو نه هو، کيس گاڏي جي اندران ماريو ويو، ارشد شريف کي رڳو ٻه گوليون لڳيون، هڪ سيني ۾ ۽ ٻي مٿي ۾ لڳي، اهي لانگ رينج کان نه هلايون ويون. هن چيو ته ارشد شريف جو موت قتل آهي، جنهن جي سازش پاڪستان ۾ ٿي، شاهديون مٽايون ويون آهن، ارشد شريف جي نه موبائل ملندي نه ليپ ٽاپ، چيو ويو ته ارشد شريف لنڊن هليو ويو پر هو لنڊن نه ويو، ارشد شريف لاءِ ڪينيا جي چونڊ پويان اهي ماڻهو آهن جيڪي ملڪ ٽوڙڻ چاهين ٿا. سندس چوڻ هو ته مان آخري ڏينهن تائين ارشد سان رابطي ۾ هيس، موبائل فون جي فرانزڪ لاءِ تيار آهيان. ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڪٿان به ڪو خطرو نه هو، هن جا اسٽيبلشمينٽ سان پازيٽو لاڳاپا هئا. مان وڊيو ٺاهي نالا ڏئي ڇڏيا آهن، وڊيو ۾ جن ماڻهن جا نالا کنيا اٿم، جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿيو ته اهي به نه بچندا. فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته مون کي عمران خان جي لانگ مارچ ۾ رتوڇاڻ نظر اچي رهي آهي، جنازا ئي جنازا نظر اچي رهيا آهن، ملڪ ۾ رت ۽ لاشن جي راند بند ٿيڻ گهرجي، پاڪستان خلاف سازش ڪندڙ پاڪستان ۾ موجود آهن ۽ انٽرنيشلي ڪنيڪٽڊ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button