اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جو لانگ مارچ مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ لا آهي: نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪنهن انقلاب لاءِ نه پر پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ لاءِ آهي. تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ جي حوالي سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نوازشريف چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ ڪنهن انقلاب جي لاءِ نه پر پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ لاءِ آهي. عمران خان جو انقلاب سندس چئن سالن جي حڪمراني ۾ عوام ڏسي چڪو آهي. اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ لکيو ته ٻين کي چور چور سڏيندڙ عمران خان پاڻ پرڏيهي فنڊنگ، توشا خانا ۽ 50 ارب روپين جي ثبوتن سميت ڌاڙي جو تاريخ جو سڀني کان وڏو چور ثابت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button