پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پي ۽ پٽ کي زخمي ڪرڻ تي جوابدار کي 10 سال قيد

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ پراڻي دشمني تان پيءُ ۽ پٽ کي گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا، 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ خون بها جي ٽئين حصي موجب رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. لاڙڪاڻي جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج نياز حسين سومرو جي عدالت ۾ سال 2018ع دوران ڌامراهه ٿاڻي جي حد ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ذوالفقار جاگيراڻي ۽ سندس پٽ طارق جاگيراڻي واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ڪيس ۾ نامزد جوابدار اعجاز جاگيراڻي کي 10 سال قيد جي سزا، 50 هزار رپيا ڏنڊ ۽ خون بها جي رقم 1439508 رپين جو ٽيون حصو رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو. واضع رهي ته ڳوٺ سچي بخش جاگيراڻي لاڙي وٽ پراڻي دشمني تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ذوالفقار جاگيراڻي ۽ سندس پٽ کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن بعد اهڙي واقعي جو ڪيس زخمي ذوالفقار جي سئوٽ غلام ياسين جاگيراڻي جي فرياد تي 6 جوابدارن اعجاز جاگيراڻي ۽ ٻين مٿان داخل ٿيو، ڪيس ۾ آفتاب جاگيراڻي، رياض جاگيراڻي، احمد علي عرف لوٽو جاگيراڻي، قاسم جاگيراڻي ۽ دلبر جاگيراڻي روپوش آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button