پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار لڳ ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، عورت ۽ نوجوان فوت

ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار لڳ ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب ڀٽ شاهه واسي نوجوان ۽ عورت فوت ٿي ويا. ٽنڊوالهيار لڳ نصرپور بائي پاس وٽ ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي وئي، جنهن سبب 22 ورهين جي راضي ۽ 19 ورهين جو نوجوان ڌرمون موقعي تي فوت ٿي ويا، حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهتي، جنهن لاش کڻائي مقامي اسپتال آندا، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي شاهپور درپور جا رهواسي هئا. ٻئي پاسي سلطان آباد پوليس ٻڌايو ته حادثي بعد ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، اسان ٽريڪٽر ٽرالي تحويل ۾ ورتي آهي، جاچ ڪريون پيا، جلد ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button