پاڪستانسنڌ

نفيس نگر ۾ حملي ۾ زخمي ٿيل نوجوان حيدرآباس اسپتال ۾ فوت

نفيس نگر: نفيس نگر ڀرسان پراڻي تڪرار تان 3 ڏينهن اڳ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان مدد ٽنگڙي حيدرآباد ۾ فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ نفيس نگر جي ڳوٺ سومرو خان ٽنگڙي ۾ موٽرسائيڪل تي ويندڙ 25 سالن جي نوجوان مدد علي ٽنگڙي ولد علي حسن ٽنگڙي تي حاجي ٽنگڙي ۽ سندس ساٿين سڌي فائرنگ ڪئي هئي، جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي وارثن حيدرآباد جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي نوجوان گذريل ڏينهن فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش نئون ڪوٽ اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن نفيس نگر پوليس ٻن جوابدارن امجد ولد محمد ٽنگڙي ۽ حاجي ولد ڌڻي بخش ٽنگڙي کي اڳ ئي گرفتار ڪري چڪي آهي. مقتول ٽالهي شهر ۾ ڪئبن هلائي گذر سفر ڪندو هو. سال اڳ مٿس حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڌڻي بخش سميت 2 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، اهڙي تڪرار تان 3 ڏينهن اڳ مٿس ڌڻي بخش جي ڇوڪري حاجي ٽنگڙي ۽ سندس ساٿين حملو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button