پاڪستانسنڌ

نئون ديرو ڀرسان پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ نوجوان قتل

نئون ديرو: نئون لڳ ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ ڪري 35 ورهين جو داد محمد پٽ پيروز ککراڻي مارجي ويو. واقعي جي اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچي فائرنگ بند ڪرائي، مقتول جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال پهچايو. جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارث ڳوٺ مٺو ککراڻي کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. اسپتال ۾ موجود مقتول جي ڀائٽي محمد ياسين ککراڻي ٻڌايو ته اسان جو پنهنجي ئي سئوٽن سان تڪرار هلندڙ آهي، جنهن تان قربان ککراڻيءَ واري ڌر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري گهر ۾ موجود اسان جي چاچي داد محمد کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا. هنن اڳ به اسان جي والد تي حملو ڪري سندس ڄنگهه ضايع ڪري ڇڏي. جوابدار ڏاڍ جي زور تي اسان جي مٿان حملا ڪري اسان کي جاني توڙي مالي نقصان پهچائي رهيا آهن پر پوليس انهن خلاف ڪجهه به نٿي ڪري. جنهن ڪري هو مختلف وقتن تي حملا ڪندا رهن ٿا ۽ وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خدشو آهي. هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي هڪدم گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي ايس ايڇ او نور محمد مغيري جو چوڻ هو ته ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ قربان ۽ نظام ککراڻي جي ڌرين ۾ تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي، جنهن ۾ قربان ککراڻي واري ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري داد محمد کي قتل ڪيو آهي، فائر بندي ڪرائي آهي ۽ لاش کڻائي اسپتال آندو آهي ۽ پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ڌر جنهن مٿان ڪيس داخل ڪندي انهن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button