پاڪستانسنڌ

لاڙڪاڻي ڊويزن مان 3 هفتن ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪڍڻ جو حڪم

لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپورناٿن شاهه جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سينيئر وڪيل سرفراز خان جتوئي، ايڊوڪيٽ رفيق ابڙو، يوسي چيئرمين عبدالحفيظ سامٽيو ۽ ٻين طرفان داخل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن گهنور علي لغاري، ڊي سي لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو، ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ ڊي سي دادو سميت لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ڪمشنر لاڙڪاڻو عدالت کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ڊويزن مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو پيو وڃي، پر اسڪارپ ڊرينيج شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ناهي. عدالت ڪمشنر، سمورن ڊي سيز، آبپاشي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي چيف انجنيئرن توڙي نيشنل هاءِ وي جي جنرل مئنيجرن کي حڪم ڏنو ته 3 هفتن ۾ ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي روڊ رستا بحال ڪيا وڃن، عدالت ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري لاڳاپيل عملدارن کي طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button