اسلام آبادپاڪستان

آرمي چيف غدار آهي ته رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڇو ڪيون؟ ڊي جي آءِ ايس آءِ

راولپنڊي : ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم اهم پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان جي فوج مخالف بيانئي ۽ ارشد شريف قتل سميت مختلف اهم نوعيت جي قومي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اڄوڪي پريس ڪانفرنس جو مقصد سينيئر صحافي ارشد شريف جي ڪينيا ۾ موت ۽ ان سان جُڙيل حالتن ۽ واقعن بابت اوهان کي ڪجهه آگاهي ڏيڻ آهي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته اهو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته آءِ ايس آءِ جو حاضر سروس سربراهه ميڊيا سان سڌي سنيئي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. سائفر ۽ ارشد شريف جي وفات جي حوالي سان وڏن واقعن جي حقيقتن تائين پهچڻ تمام گهڻو ضروري آهي. اي آر واءِ نيوز فوج کي نشانو بڻائڻ ۾ “اسپن ڊاڪٽر” جو ڪردار ادا ڪيو، سي ايِ او سلمان اقبال کي پاڪستان واپس آندو وڃي.ڪي پي حڪومت آگسٽ ۾ هڪ خط جاري ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته بندش پيل ٽي ٽي پي کان ڌار ٿيندڙ ڌڙو ارشد شريف کي نشانو بڻائڻ چاهي ٿو.ارشد شريف ڪنهن به دبئي وڃڻ لاءِ مجبور نه ڪيو هو. مارچ ۾ آرمي چيف جي ملازمت ۾ اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي وئي هئي. غير سياسي رهڻ وارو فيصلو ڪنهن هڪ فرد جو نه پر ڊگهي بحث کانپوءِ ڪيو ويو آهي. لانگ مارچ يا اسلام آباد اچڻ سڀني جو جهموري حق آهي. 27 هين مارچ واري بيانئي جو حقيقت سان ڪو واسطو ناهي. اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تھ اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون. سينيئر صحافي ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار نه هو، کيس خطرا ڄاڻائي زبردستي ٻاهر اماڻيو ويو. ترجمان موجب ارشد شريف کي ٻاهر موڪلڻ لاءِ آگسٽ ۾ هڪ ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو، ٿريٽ الرٽ جاري ڪرڻ جو مقصد ارشد شريف کي ٻاهر نڪري وڃڻ لاءِ قائل ڪرڻ هو. ارشد شريف 10 آگسٽ تي پشاور ايئرپورٽ تان متحده عرب امارات لاءِ روانو ٿيو، متحده عرب امارات ۾ ارشد شريف جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو انتظام ڪنهن ڪيو؟. ارشد شريف کي عرب امارات مان ڪينيا وڃڻ لاءِ ڪنهن مجبور ڪيو، اي آر واءِ جي مالڪ سلمان اقبال کي پرڏيهه مان گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. ارشد شريف جي قتل کي بنياد بڻائي پاڪ فوج خلاف هڪ ڪوڙو بيانيو گهڙيو ويو، ارشد شريف جي معاملي ۾ سلمان اقبال جو نالو ھر ھر اچي پيو، ان کي واپس آندو وڃي. ارشد شريف جي حياتي کي پاڪستان ۾ ڪو به خطرو نه هو، خيبرپختونخواهه جي حڪومت پاران ٿريٽ الرٽ جاري ڪري کيس ٻاهر وڃڻ لاءِ قائل ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته هي پريس ڪانفرنس حقيقتن کي وائکو ڪرڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي ته جيئن فيڪٽ، فڪش ۽ راءِ ۾ فرق ڪري سگهجي ۽ سچ سامهون آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته پريس ڪانفرنس جي اهميت ۽ حساسيت جي ڪري وزيراعظم پاڪستان کي ان حوالي سان خاص طور آگاهه ڪيو ويو آهي، ان عمل جو خلاصو ڪرڻ ضروري آهي جنهن جي بنياد تي هڪ مخصوص بيانيو گهڙيو پيو وڃي ۽ ان ئي ڪوڙي بيانئي ذريعي ماڻهن کي ورغلايو ويو . ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ادارن ۽ انهن جي ليڊرشپ ايستائين جو چيف آف آرمي اسٽاف تي پڻ بي سبب الزام مڙهيا ويا ۽ معاشري کي ورهائڻ ۽ مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. بابر افتخار چيو ته سائفر ۽ ارشد شريف جي وفات جي حوالي سان وڏن واقعن جي حقيقتن تائين پهچڻ ضروري آهي ته جيئن ان سلسلي ۾ ڪنهن ڪسم جو ابهام يا افواهه پيدا نه ٿئي ۽ قوم سچ ڄاڻي سگهي.ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته سائيفر بابت اڳوڻي وزيراعظم کي سڀ کان پهرين آرمي چيف ٻڌايو، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي، اسان کي وڏي حيرت ٿي جڏهن جلسي ۾ ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو هوا ۾ ڦڙڪايو ويو، ڊرامائي انداز ۾ هڪ اهڙي بيانئو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو حقيقت سان پري پري تائين جو ڪو واسطو نه هو. سندس چوڻ هو ته سائفر جي حوالي سان وجهڙائي ۾ ڪيئي حقيقتون سامهون اچي چڪيون آهن جنهن ان ڪوڙي ۽ هٿ ٺوڪي ڪهاڻي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستاني سفير جي راءِ کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو . هن چيو ته 31 هين مارچ واري قومي سلامتي واري اجلاس ۾ پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هئي، آءِ ايس آءِ وڏي واضح ۽ پيشواراڻي انداز ۾ قومي سلامتي ڪميٽي کي ٻڌايو هوته حڪومت خلاف ڪنهن به قسم جي سازش جا ڪي ثبوت ناهن مليا، نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي کي آگاهي ڏني وئي ته اهو پاڪستاني سفير جو ذاتي تجربو آهي ۽ پاڪستاني سفير جيڪا حڪمت عملي تجويز ڪئي هئي اها ئي حڪمت عملي قومي سلامتي ڪميٽي پرڏيهي آفيس کي تجويز ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آھي ته اڳوڻي سفير کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو، آرمي چيف اڳوڻي وزيراعظم کي سائفر بابت آگاهه ڪيو هو.ميجر جنرل بابر افتخار موجب اهڙو بيانيو ٺاهيو ويو جنهن جو حقيقتن سان ڪو واسطو ئي ناهي، سائفر جي حوالي سان ڪيتريون ئي حقيقتون سامهون اچي ويون آهن، سائفر بابت من گهڙت ڳالهيون ٻڌايون ويون، تنقيدن باوجود آرمي چيف صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ارشد شريف ڪيترن ئي پروگرامن ۾ پاڪ فوج کي نشانو بڻايو، پوءِ به دل ۾ ڪا نفرت ناهي، آرمي چيف 11 مارچ تي ڪامرا ۾ وزيراعظم سان پاڻ سائفر بابت ذڪر ڪيو هو.آگسٽ ۾ ارشد شريف جي حوالي سان ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو هو، جاري ٿيل ٿريٽ ڪنهن به اداري سان شيئر نه ڪيو ويو، پاڪستان جي ادارن خاص طور تي فوج کي نشانو بڻايو ويو. نيوٽرل لفظ کي گار بڻايو ويو، هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته سياستدان پاڻ مسئلا حل ڪن پر ايئن نه ٿي سگهيو، ارشد شريف جي جيستائين جاچ مڪمل نه ٿي ٿئي، تيستائين الزام هڻڻ نامناسب آهي، ڪينيائي پوليس ارشد شريف کي سڃاڻي نه پئي، سڀ کان پهرين سندس موت جي خبر ڪنهن ڏني، دبئي جو ويزا پورو ٿيڻ کانپوءِ ارشد شريف ڪينيا ويو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اسان ڪمزور ٿي سگهون ٿا پر سازشي ۽ غدار نٿا ٿي سگهون، نجي ٽي وي جي سي اي او سلمان اقبال کي گهرائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، ارشد شريف ڪنهن ڪينيا وڃڻ تي مجبور ڪيو، جاچ ۾ عالمي ادارن جي ضرورت هجي ته اُنهن کي به شامل ڪيو وڃي. هر شيءَ کي رجيم چئينج آپريشن سان جوڙيو ويو آهي.سندس چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ جي سائفر جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي سازش جا ثبوت ناهن مليا ۽ اهي ثبوت رڪارڊ جو حصو آهن، اسان ثبوت قوم آڏو رکڻ چاهيون پيا پر اهو فيصلو اسان ان وقت حڪومت تي ڇڏي ڏنو ته جيئن هو آءِ ايس آءِ طرفان ڪيل جاچ کي منظرعام تي آڻي پر ائين نه ڪيو ويو پر وڌيڪ افواهون ۽ ڪوڙيون خبرون پکيڙيون ويون جنهن جو مقصد سياسي فائدو ماڻڻ ۽ هڪ مخصوص بنيانئيون جوڙڻ هو بي اعتمادي رٿ حڪومت خلاف آئيني، قانوني ۽ سياسي معاملي بدران ” رجيم چئينج آپريشن ” جو حصو هئي. هن چيو ته پوءِ ان حوالي سان آمريڪا سڄي دنيا ۾ رجيم چئينج آپريشن جا حوالا ڏنا ويا ۽ انهن پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي سان جوڙيو ويو ، پاڪستان جي ادارن خاص طور فوج جي قيادت کي نشانو بڻايو ويو ۽ هر شئي کي غداري ۽ رجيم چئينج آپريشن سان جوڙيو ويو . هن چيو ته هي اهو وقت هو جڏهن ارشد شريف ۽ ٻين ڪيئي صحافين سميت سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس کي هڪ خاص بيانئيو فيڊ ڪيو ويو جنهن جي حقيقت واضح ٿي چڪي آهي. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آھي تھ پنهنجي ذات لاءِ نه پر اداري جي خاطر ميڊيا جي سامهون آيو آهيان.ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم موجب عدم اعتماد جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي اڻڄاڻايل مدي تائين واڌ جو چيو ھو. مارچ ۾ منهنجي خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائي وئي پر مون ان جو دفاع ڪرڻ ضروري نه سمجهيو، پنهنجي اداري جي غازين ۽ شهيدن جي دفاع لاءِ ميڊيا جي سامهون آيو آهيان. پريس بريفنگ دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ جو چوڻ ھو تھ غير آئيني ڪم کان انڪار ڪنهن هڪ فرد يا آرمي چيف نه پر اداري جو فيصلو هو، مير جعفر ۽ مير صادق جا لقب ان ڪري ڏنا ويا جو غير آئيني ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ ملاقاتون ڇو پيون ڪيون وڃن، بي اعتمادي رٿ ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت آرمي چيف کي مدي ۾ اڻڄاتل مدي تائين واڌ جي آڇ ڪئي. آرمي چيف ملازمت جي مدي ۾ واڌ واري آڇ ٿڏي ڇڏي، سپهه سالار غدار آهي ته پوءِ رات جي اونداهي ۾ هُن سان ملاقاتون ڇو ٿا ڪريو؟. آرمي چيف ملٽري ڊپلوميسي تحت عوام جي مفادن لاءِ ڪم ڪيو، ڪنهن جي ڌرڻي يا لانگ مارچ تي ڪو به اعتراض نه آهي، احتجاج ڪرڻ هڪ آئيني حق آهي. نديم انجم جو چوڻ ھو تھ ارشد شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ نه پئي چاهيو، پاڪستان ۾ سندس حياتيءَ کي ڪو به خطرو نه هو، ارشد شريف جا ملڪ مان ٻاهر وڃڻ بعد به اداري سان رابطا هئا. ارشد شريف واپس اچڻ پئي چاهيو، مارچ 2021 کانپوءِ ڪنهن به اليڪشن ۾ فوج يا آءِ ايس آءِ جي مداخلت جو ثبوت آهي ته سامهون آڻيو. ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته منهنجي اداري ۽ ايجنسي جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان انا ناهي، جنهن پارٽي جي اوهان ڳالهه ڪري رهيا آهيون ان ۾ منهنجا ذاتي دوست ۽ ٻين جماعتن کان وڌيڪ آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جو چوڻ هو ته جيترا به اجلاس ٿيا اسان جون صلاحون ۽ بيانئيو اهو ئي هو ته اوهان جيڪو ڪرڻو آهي آئين تحت ڪرڻو آهي.هن چيو ته ادارن خلاف ڳالهيون ٿيون ته وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن مذمت ڪئي، اهو نه چوندس ته حڪومت ڄاڻي واڻي خاموش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو ته پاڪستان جا صحافي ڪيئي خطرن باوجود پنهنجو ڪم سٺي نموني پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن، صحافين کي لفافو چوڻ خلاف آهيان، ڪير صحافي اهڙو ناهي جنهن کي مان ڊي جي آءِ ايس آءِ طور لفافو چئي سگهان. ماضي ۾ به غلطيون ٿيون آهن پر اسان سازشي ۽ غدار نٿا ٿي سگهون، مارچ ۾ قمر جاويد باجوا کي غيرمعمولي واڌ جي آڇ ڪئي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button